بدين - 28 آگسٽ (اي پي پي) ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن فياض حسين عباسي ضلعي بدين ۾ يتيم ۽ بي سهارا ٻارن جي ڪفالت، معياري تعليم ۽ تربيت جي لاءِ قائم فلاحي اداري “اعتماد هومز” جو دورو ڪري اتي فراهم ڪيل تعليمي ۽ رهائشي سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي پڻ ساڻس گڏ هو. دوري دوران ڪمشنر حيدرآباد مختلف ڪلاس رومز ۽ رهائشي شعبن جو …
ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن فياض حسين عباسي پاران بدين ۾ قائم “اعتماد هومز” جو دورو
بدين – 28 آگسٽ (اي پي پي) ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن فياض حسين عباسي ضلعي بدين ۾ يتيم ۽ بي سهارا ٻارن جي ڪفالت، معياري تعليم ۽ تربيت جي لاءِ قائم فلاحي اداري “اعتماد هومز” جو دورو ڪري اتي فراهم ڪيل تعليمي ۽ رهائشي سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي پڻ ساڻس گڏ هو. دوري دوران ڪمشنر حيدرآباد مختلف ڪلاس رومز ۽ رهائشي شعبن جو معائنو ڪيو، اتي رهندڙ ٻارن ۽ استادن سان ملاقات ڪئي ۽ اداري جي عمومي انتظامن تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن فياض حسين عباسي اڳوڻي آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ جي ويزن ۽ اڻٿڪ ڪوششن کي زبردست لفظن ۾ خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته غلام نبي ميمڻ جي ذاتي ڪوششن ۽ جذبي سان ئي بدين جهڙي ضلعي ۾ يتيم ٻارن جي لاءِ ايتري اعليٰ ۽ معياري فلاحي توڙي تعليمي اداري جو قيام ممڪن ٿي سگهيو آهي، جتي سندن بهترين سارسنڀال ڪئي پئي وڃي. هن يتيم ٻارن جي پرورش، معياري تعليم، اخلاقي تربيت ۽ نظم و ضبط تي اداري جي انتظاميا جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.












