اسلام آباد - 28 آگسٽ (اي پي پي) شفا انٽرنيشنل اسپتال پاڪستان ۽ خطي جي صحت جي شعبي ۾ هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪندي طبي خدمتن ۾ اعلى معيار، مريضن جي تحفظ ۽ عالمي طور تي مڃيل نگهداشت جي معيار جي حوالي سان نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. جمعي ڏينهن شفا انٽرنيشنل اسپتال پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته شفا جي ڪيترن ئي ادارن ۽ طبي پروگرامن کي …
شفا انٽرنيشنل جي طبي نگهداشت جي ڪلچر جي حوالي سان اهم اڳڀرائي، شفا ايمبولينس سروس جي سي آءِ ايڪريڊيٽيشن حاصل ڪري ورتي: شفا جو ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) شفا انٽرنيشنل اسپتال پاڪستان ۽ خطي جي صحت جي شعبي ۾ هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪندي طبي خدمتن ۾ اعلى معيار، مريضن جي تحفظ ۽ عالمي طور تي مڃيل نگهداشت جي معيار جي حوالي سان نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. جمعي ڏينهن شفا انٽرنيشنل اسپتال پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته شفا جي ڪيترن ئي ادارن ۽ طبي پروگرامن کي جوائنٽ ڪميشن انٽرنيشنل (جي سي آءِ) پاران منظوري ۽ سرٽيفڪيشن ملڻ سان شفا محفوظ، قابل اعتماد ۽ ثبوتن تي ٻڌل طبي نگهداشت جي ڏس ۾ هڪ نئون معيار قائم ڪري رهيو آهي. بيان موجب ان ڪاميابي جو محور شفا انٽرپرائيز آهي جنهن جي جي سي آءِ انٽرپرائيز ايڪريڊيٽيشن ان عزم جي عڪاس آهي ته معياري طبي نگهداشت رڳو ڪنهن هڪ سهولت يا سروس تائين محدود نه رهندي پر پوري شفا ايڪو سسٽم ۾ هڪ جهڙي طور تي يقيني بڻائي ويندي. شفا جي ترجمان چيو ته ان ڪاميابي جي اهميت شفا ايمبولينس سروس (ايس اي ايس) جي جي سي آءِ ميڊيڪل ٽرانسپورٽ ايڪريڊيٽيشن سان وڌيڪ وڌي وئي آهي. هن چيو ته شفا ايمبولينس سروس پاڪستان جي پهرين ايمبولينس سروس بڻجي وئي آهي جنهن کي جي سي آءِ جي ايڪريڊيٽيشن حاصل ٿي آهي. اها ملڪ ۾ هنگامي طبي خدمتن ۽ اسپتال کان اڳ فراهم ڪئي ويندڙ طبي نگهداشت جي شعبي ۾ هڪ وڏي ڪاميابي ۽ شفا سميت پاڪستان جي هيلٿ ڪيئر ڪميونٽي جي لاءِ فخر جوڳو لمحو آهي. شفا ايمبولينس سروس جي حوالي سان اها اڳڀرائي ان حقيقت کي اجاگر ڪري ٿي ته معياري ۽ محفوظ طبي نگهداشت جو سفر مريض جي اسپتال پهچڻ کان اڳ شروع ٿي وڃي ٿو ۽ نگهداشت جي هر نازڪ لمحي ۾ اعلى ترين پيشيواراڻو معيار، تحفظ، گڏيل رابطو ۽ همدرديءَ ضروري آهي. بيان موجب اهي ڪاميابيون جون 2026ع ۾ شفا انٽرنيشنل اسپتال کي اڪيڊمڪ ميڊيڪل سينٽر (اي ايم سي) جي حاصل ٿيندڙ ايڪريڊيٽيشن جي تسلسل ۾ سامهون آيون آهن. شفا جي هوم هيلٿ ڪيئر ڪمپني اي شفا جي لاءِ پڻ جي سي آءِ جي هڪ تفصيلي ۽ سخت جائزي کانپوءِ جي سي آءِ هوم ڪيئر ايڪريڊيٽيشن جي لاءِ سفارش ڪئي وئي آهي جنهن جي ذريعي شفا اسپتال جي حدن کان ٻاهر مريضن جي گهرن تائين معياري طبي نگهداشت جي عزم کي سگهه ڏني آهي. جون 2026ع ۾ ان جي ايڪيوٽ اسڪيمڪ اسٽروڪ ۽ ايڪيوٽ ڪورونري سنڊروم پروگرامز کي پڻ جي سي آءِ کان سرٽيفڪيشن حاصل ٿي. اها سرٽيفڪيشن انتهائي پيچيده ۽ وقت جي لحاظ کان حساس طبي حالتن ۾ ٺوس، معياري، ثبوتن تي ٻڌل ۽ مريض تي مرڪوز علاج فراهم ڪرڻ جي شفا جي صلاحيت جي توثيق ڪري ٿي. ترجمان موجب مجموعي طور تي اهي ڪاميابيون رڳو ايڪريڊيٽيشنز ۽ سرٽيفڪيشنز جو سلسلو نه آهن پر پاڪستان ۾ “ڪلچر آف ڪيئر” يعني نگهداشت جي ڪلچر جي فروغ ۽ استحڪام جي حوالي سان هڪ فيصلائتو لمحو آهي. اهي ڪاميابيون پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ هڪ موثر پيغام آهي ته عالمي معيار جون طبي سهولتون نه رڳو پاڪستان ۾ فراهم ۽ برقرار رکي سگهجن ٿيون پر انهن کي مسلسل بهتر بڻائي سگهجي ٿو. شفا جي ترجمان ان کي شفا فيملي ۽ پوري قوم جي لاءِ فخر جو لمحو قرار ڏيندي چيو ته اسان پنهنجي ٽيم جي هر ميمبر کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا جن جي لڳاءُ، پيشيواراڻي صلاحيت، ثابت قدمي ۽ بهترين ڪارڪردگي جي عزم انهن تاريخي ڪاميابين کي ممڪن بڻايو.











