سنڌ جي وڏي وزير سان پيٽروليم ڊويزن واري وفاقي وزير جي ملاقات

ڪراچي-28 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وفاقي وزير (پيٽروليم ڊويزن) علي پرويز ملڪ جي وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران سنڌ ۾ گيس ۽ توانائي سان لاڳاپيل اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير جي ترجمان موجب ملاقات دوران حيدان بلاڪ، اسٽريڊڊ ۽ ڊورمنٽ گيس فيلڊز، سوهو ۽ ڪنڌڪوٽ گيس فيلڊز سميت مختلف معاملن تي تفصيلي غور …

ڪراچي-28 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وفاقي وزير (پيٽروليم ڊويزن) علي پرويز ملڪ جي وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران سنڌ ۾ گيس ۽ توانائي سان لاڳاپيل اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير جي ترجمان موجب ملاقات دوران حيدان بلاڪ، اسٽريڊڊ ۽ ڊورمنٽ گيس فيلڊز، سوهو ۽ ڪنڌڪوٽ گيس فيلڊز سميت مختلف معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدان بلاڪ سنڌ انرجي هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ کي الاٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته حيدان بلاڪ جي الاٽمينٽ لاءِ سنڌ حڪومت ڪيترائي خط لکي چڪي آهي، پر وفاقي حڪومت جو فيصلو اڃا تائين التوا هيٺ آهي.هن چيو ته صنعتي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسٽريڊڊ ۽ ڊورمنٽ گيس فيلڊز سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ وڌيڪ بهتر هوندو. سنڌ جي صنعتن کي توانائي جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ صوبي جي گيس وسيلن جو اثرائتو استعمال ضروري آهي.سيد مراد علي شاهه چيو ته سوهو دريافت ۽ ڪنڌڪوٽ گيس فيلڊ مان گيس جي فراهمي آئين جي آرٽيڪل 158 تحت سنڌ کي ڏني وڃي. سنڌ ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گيس پيدا ڪندڙ صوبو آهي، ان ڪري صوبي جي آئيني حقن جو احترام ڪيو وڃي.وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ چيو ته وفاق سنڌ جي گيس وسيلن بابت صوبائي حڪومت جي موقف ۽ تجويزن کي اهميت ڏئي ٿو. حيدان بلاڪ، گيس جي الاٽمينٽ ۽ ٻين التوا هيٺ معاملن جو ترجيحي بنيادن تي جائزو ورتو ويندو.هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل سهڪار سان توانائي جي شعبي ۾ بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.ملاقات دوران ايس ايس جي سي جي خديجي بيس ڪيمپ لاءِ زمين جي معاملي ۽ نون گيس ڪنيڪشنن بابت معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو.سنڌ جي وڏي وزير لاڳاپيل صوبائي کاتن کي ايس ايس جي سي سان لاڳاپيل التوا هيٺ معاملن کي جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوام ۽ صنعتن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ادارن وچ ۾ اثرائتو رابطو ۽ سهڪار ضروري آهي.ملاقات ۾ وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، توانائي کاتي جو سيڪريٽري شهاب انصاري، وفاقي پيٽروليم سيڪريٽري حامد شيخ، ايڊيشنل سيڪريٽري ظفر عباس، سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ايم ڊي امين راجپوت، پي ايس او جي ايم ڊي جواد چيما ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار موجود هئا.