پمز ۾ پيش آيل حادثي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي، ڪنهن کي به نه ڇڏيو ويندو: سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-28 آگسٽ(اي پي پي) صحت واري  وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ پيش آيل حادثي جي ذميوران خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ڪنهن کي به نه ڇڏيو ويندو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پمز اسپتال ۾ پيش آيل حادثي تي بحث دوران هن چيو ته پمز ۾ ٿيل سانحو تمام وڏو آهي، معصوم جانين جو ڪو به نعم البدل نه …

اسلام آباد-28 آگسٽ(اي پي پي) صحت واري  وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ پيش آيل حادثي جي ذميوران خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ڪنهن کي به نه ڇڏيو ويندو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پمز اسپتال ۾ پيش آيل حادثي تي بحث دوران هن چيو ته پمز ۾ ٿيل سانحو تمام وڏو آهي، معصوم جانين جو ڪو به نعم البدل نه آهي، 14 ٻار شهيد ٿيا آهن ۽ اسان ان واقعي جي ذميواري قبول ڪيون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم ۽ اعليٰ اختيارن  تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي ۽ ٽي او آرز ۾ اهم شيون شامل آهن، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ان حوالي سان تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. شهادتون، جن ۾ ڊجيٽل ۽ ويڊيو ثبوت، موقعي تي موجود ماڻهن جا بيان شامل هوندا، جي بنياد تي فيصلو ٿيندو. ڪميٽي جي شروعاتي رپورٽ اڄ جمعي تي ڪرائي ويندي. هن ايوان کي يقين ڏياريو ته ان سانحي جو جيڪو به ذميوار هوندو ان کي نه ڇڏيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سينيٽ مان پڻ تجويزون آيون آهن، ايم اين ايز ۽ سينيٽرن تي مشتمل هڪ ڪميٽي هجڻ گهرجي ۽ ان لاءِ  ڪو وقت نه ڏنو وڃي، اهو صرف 14 ٻارن جو معاملو نه آهي. هر سال پاڪستان ۾ تازا ڄاول 4 لک ٻار فوت ٿين ٿا ۽ روزانو اهو انگ 1300 ٺهي ٿو. اسان کي پنهنجي ٻارن کي حادثن کان بچائڻو آهي. هن چيو ته صحت واري وزارت ايوان سامهون گهربل تفصيل فراهم ڪندي.