پمز واقعو وڏو سانحو آهي، مستقبل ۾ اهڙن حادثن کان بچڻ لاءِ ٺوس تجويزون ۽ سفارشون اچڻ گهرجن : وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پمز واقعو وڏو سانحو آهي، مستقبل ۾ اهڙن حادثن کان بچڻ لاءِ ٺوس تجويزون ۽ سفارشون اچڻ گهرجن. جمعي ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ پيش آيل سانحي تي بحث جي شروعات تي هن ايوان کي ٻُڌايو ته پمز ۾ پيش آيل حادثو تڪليف ڏيندڙ آهي، جنهن تي پوري قوم …

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پمز واقعو وڏو سانحو آهي، مستقبل ۾ اهڙن حادثن کان بچڻ لاءِ ٺوس تجويزون ۽ سفارشون اچڻ گهرجن. جمعي ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ پيش آيل سانحي تي بحث جي شروعات تي هن ايوان کي ٻُڌايو ته پمز ۾ پيش آيل حادثو تڪليف ڏيندڙ آهي، جنهن تي پوري قوم ڏکويل آهي. وفاقي وزير چيو ته حادثا اوچتا ٿين ٿا جيڪو ٿيو اهو صحيح نه ٿيو، حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪميٽي ٺاهي آهي، ان ڏينهن هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو جيڪو 2 ڪلاڪ جاري رهيو، ان اجلاس ۾ اسلام آباد ۽ اسپتال انتظاميه جا سينيئر عملدار شريڪ ٿيا.  وزيراعظم گهرو معاملن واري اڳوڻي سيڪريٽري شاهد خان کي ٻن ڏينهن ۾ انڪوائري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي، جنهن جي عارضي رپورٽ (اڄ) شام تائين اچي ويندي، کيس تفصيلي رپورٽ 7 ڏينهن ۾ ڏيڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي. اڳوڻي گهرو سيڪريٽري شاهد خان ماضيءَ ۾ به اهڙيءَ طرح جا جاچ ڪري چڪو آهي. وفاقي وزير چيو ته پمز اسپتال جي معاملن ۾ بهتريءَ لاءِ اظهر ڪيانيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ 4 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا پمز اسپتال کي بهتر بڻائڻ بابت رپورٽ پيش ڪندي. وفاقي وزير چيو ته سينيٽ ۾ به ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي ۽ صحت وارو وزير سينيٽ ۾ موجود آهي، ان ۾ ڪي به ٻه رايا ناهن ته هي ڏکوئيندڙ سانحو هو، متاثر ڪٽنبن جي احساسن کي سمجهون ٿا، ان لاءِ ٻنهي ايوانن ۾ واقعي جي حوالي سان سياسي بيانيي بدران اصلاح ۽ آئينده جي حوالي سان ٺوس تجويزون سامهون اچڻ گهرجن.