پمز جي واقعي جي حوالي سان موجوده انڪوائري ڪميٽيءَ تي اعتماد ناهي، ان لاءِ سينيٽ جي سطح تي ڌار ڪميٽي ٺاهي وڃي: سينيٽر شيري رحمان

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽر شيري رحمان پمز ۾ پيش آيل باهه واري واقعي جي مڪمل ۽ غير جانبداراڻي جاچ لاءِ سينيٽ جي بااختيار ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪميٽيءَ کي 30 کان 40 ڏينهن جي واضح مُدي ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو وڃي. جمعي ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ پمز واقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ان افسوسناڪ واقعي تي …

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽر شيري رحمان پمز ۾ پيش آيل باهه واري واقعي جي مڪمل ۽ غير جانبداراڻي جاچ لاءِ سينيٽ جي بااختيار ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪميٽيءَ کي 30 کان 40 ڏينهن جي واضح مُدي ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو وڃي. جمعي ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ پمز واقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ان افسوسناڪ واقعي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته سياست جو هڪ اهم حصو عوامي مفاد احتساب ۽ جوابدهي آهي. هن چيو ته سينيٽ ۾ عوامي مفادن جا معاملا اُٿارڻ به سياست ئي آهي ۽ ان جو مقصد مسئلن جي نشاندهي ۽ عملدارن کي جوابده بڻائڻ آهي. سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته هوءَ پاڻ به صحت جي وزير رهي چڪي آهي، ان دوران پمز ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي مڙس جو آپريشن به ڪرايو هو. هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ پمز مريضن کي مناسب خدمتون فراهم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي ۽ مريضن کي راولپنڊيءَ سميت ٻين اسپتالن طرف منتقل ڪيو پيو وڃي، ان لاءِ سڀ کان پهرين اسپتال جو نظام درست ڪيو وڃي. هن چيو ته پمز جي واقعي جي حوالي سان موجوده انڪوائري ڪميٽيءَ تي اعتماد ناهي ان لاءِ سينيٽ جي سطح تي ڌار ڪميٽي بڻائي وڃي، جيڪا پاڻ موقعي تي وڃي حقيقتن جو جائزو وٺي. هن چيو ته جاچ اهڙي ڪميٽيءَ ذريعي هئڻ گهرجي جنهن جي مفادن جو ٽڪراءُ نه هجي ۽ ادارو پاڻ پنهنجي معاملن جي جاچ نه ڪري.