پمز سانحي جي جاچ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن جي نمائندگي تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي وڃي: راجا پرويز اشرف

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پمز سانحي جي جاچ لاءِ پارليامينٽ جي ڪميٽي جوڙي وڃي، پمز سانحي ۾ فوت ٿي ويل ٻارن جي والدين ۽ وارثن کان معافي گهرون ٿا. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي راجا پرويز اشرف پمز سانحي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته صحت جي سمورن شعبن …

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پمز سانحي جي جاچ لاءِ پارليامينٽ جي ڪميٽي جوڙي وڃي، پمز سانحي ۾ فوت ٿي ويل ٻارن جي والدين ۽ وارثن کان معافي گهرون ٿا. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي راجا پرويز اشرف پمز سانحي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته صحت جي سمورن شعبن جو نئين سر جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، اڄ واقعي جو ٽيون ڏينهن آهي جڏهن ته باهه لڳڻ جا سبب معلوم نه ٿي سگهيا. ڇا اتي ڪو ڪيئر ٽيڪر موجود هو ته باهه لڳندي ئي ٻارن کي اتان کان ڪڍي، هن چيو ته ٻارن جي چوري روڪڻ لاءِ دروازا بند ڪرڻ جي ڳالهه سمجهه کان مٿانهين آهي، انتظاميه جي موجودگي ۾ ڪيئن ٻار چوري ٿي سگهن ٿا. وزيراعظم ڪميٽي جوڙي جيڪا سٺي آهي، ان تي پارليامينٽ جي ڪميٽي ٺاهي وڃي. وفاقي گادي واري هنڌ ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي اسپتال آهي، جيڪڏهن اسان ان معاملي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ته اسان سڀ ان ۾ برابر جا شريڪ هونداسين. هن چيو ته اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جي گڏيل سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي وڃي جيڪو ان معاملي جي جاچ ڪري، ان ۾ لاڳاپيل ڊاڪٽرز کي گهرائي، ٻارن جي والدين کي گهرايو،ڇا ان سانحي وقت ڪٿي ڪو ڊاڪٽر يا نرس موجود هئي. هن چيو ته هي ايوان ان واقعي جي آزاداڻي جاچ ڪري، ان لاءِ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. ان معاملي تي رڳو مباحثي ۽ قراداد جي ضرورت ناهي،  هي معصوم ٻارن جي حياتين جو معاملو آهي.