اسلام آباد-28 آگسٽ(اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پمز سانحي بابت قائم ڪيل ڪميٽي کي پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي، جڏهن ته رپورٽ اچڻ کان پوءِ معاملي تي وڌيڪ ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته سينيٽ ۾ ان معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ لاڳاپيل وزير پڻ پنهنجو موقف واضع ڪيو …
پمز سانحي بابت ڪميٽي کي پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي، رپورٽ اچڻ کان پوءِ معاملي تي وڌيڪ ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي: اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-28 آگسٽ(اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پمز سانحي بابت قائم ڪيل ڪميٽي کي پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي، جڏهن ته رپورٽ اچڻ کان پوءِ معاملي تي وڌيڪ ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته سينيٽ ۾ ان معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ لاڳاپيل وزير پڻ پنهنجو موقف واضع ڪيو آهي. ڪميٽي ٺاهڻ جو مقصد معاملي جي مڪمل جاچ ڪري حقيقت کي سامهون آڻڻ آهي، ان لاءِ ان جي رپورٽ جو انتظار ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته سينيٽ ڪميٽي جي حوالي سان ٺهراءُ منظور ٿي چڪو آهي، ايوان جو اجلاس ٻيهر 2 وڳي شروع ڪري سگهجي ٿو ۽ ضرورت مطابق ڪارروائي جاري رکي سگهجي ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن رپورٽ کان وڌيڪ ڪو معاملو سامهون اچي ٿو ته ايوان کي ان تي ٻيهر غور ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي.











