اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير جي صدارت ۾ اجلاس، ڊرگ پرائسنگ جي هارڊ شپ رولز ۾ تبديلي جي هدايت، ڊريپ پاليسي بورڊ ۾ ماهرن جي شموليت تي زور

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن واري وفاقي وزير سينيٽر احد چيمه قومي صحت واري وزارت ۽ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي پاڪستان (ڊريپ) کي دوائن جي قيمتن جي تعين بابت ريگوليٽري فريم ورڪ تي فوري نظرثاني، هارڊشپ پاليسي جي قاعدن ۽ ڊريپ پاليسي بورڊ جي جوڙجڪ ۾ تبديلين جي هدايت ڪئي آهي. هن واضح ڪيو ته سڌارن جو بنيادي مقصد ضروري دوائن جي دستيابي يقيني بڻائڻ سان …

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن واري وفاقي وزير سينيٽر احد چيمه قومي صحت واري وزارت ۽ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي پاڪستان (ڊريپ) کي دوائن جي قيمتن جي تعين بابت ريگوليٽري فريم ورڪ تي فوري نظرثاني، هارڊشپ پاليسي جي قاعدن ۽ ڊريپ پاليسي بورڊ جي جوڙجڪ ۾ تبديلين جي هدايت ڪئي آهي. هن واضح ڪيو ته سڌارن جو بنيادي مقصد ضروري دوائن جي دستيابي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ صارفين کي بنا جواز  قيمتن ۾ اضافي کان تحفط فراهم ڪرڻ لاءِ آهي، دوائن جي قيمتن ۾ اضافي لاءِ ڊريپ جي موجوده فارمولي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي هن چيو ته ان طريقيڪار تي جامع نظرثاني جي ضرورت آهي ته جيئن قيمتن ۾ ڪو به اضافو شفاف، ثبوتن تي ٻڌل ۽ مڪمل طور تي قابل جواز هجي ، ڊريپ کي قيمتن ۾ اضافي جي فارمولي جو نئين سري سان جائزو وٺي ان کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪندي سندس چوڻ هو ته آزاداڻي جاچ پڙتال ۽ موثر نگراني جو اهڙو نظام هجڻ گهرجي جنهن سان ڪاروباري لاڳت ۾ اضافي جو سمورو بار پاڻمرادي طريقي سان دوائن جون قيمتون وڌائي صارفين تي منتقل نه ڪري سگهجي. جمعي ڏينهن جاري بيان موجب دوائن جي قيمتن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي سينيٽر احد چيمه قومي صحت واري سيڪريٽري ۽ ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر کي هدايت ڪئي ته هارڊ شپ پاليسي بابت نظرثاني ٿيل قاعدن کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏئي منظوري لاءِ لاڳاپيل فورم آڏو پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته نون قاعدن ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته هارڊشپ پاليسي تحت رليف صرف حقيقي ۽ ضروري صورتن ۾ ڏنو وڃي ۽ اها سهولت واپاري خرچن جو غير مناسب بار مريضن تي منتقل ڪرڻ جو ذريعو نه بڻجي. وفاقي وزير ڊريپ پاليسي بورڊ جي جوڙجڪ ۾ تبديلي جي هدايت ڪندي چيو ته پاليسي سازي ۾ پيشيوراڻي مهارت ۽ ثبوتن تي ٻڌل فيصلا سازي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي. هن خاص ڪري پاليسي بورڊ ۾ هڪ هيلٿ اڪانامسٽ ۽ پبلڪ هيلٿ ايڪسپرٽ کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. قومي صحت واري وزارت ۽ ڊريپ ان تجويز سان اتفاق ڪيو جنهن تي سينيٽر احد چيمه لاڳاپيل عملدارن کي ضروري ڪارروائي ڪرڻ ۽ تجويز ڪيل تبديليون جلد کان جلد منظوري لاءِ لاڳاپيل فورم آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سينيٽر احد چيمه چيو ته دوائن جي قيمتن بابت فيصلا سڌيءَ ريت لکين گهراڻن کي متاثر ڪن ٿا ان لاءِ اسان جو ريگوليٽري نظام اهڙو هجڻ گهرجي جيڪو فارما سيوٽيڪل شعبي جي استحڪام سان دوائن جي صلاحيت ۽ صارفين جي موثر تحفظ کي به يقيني بڻائي. اجلاس دوران ڊريپ عملدارن وفاقي وزير کي موجوده هارڊ شپ پاليسي ۽ ضروري دوائن تي ان جي لاڳو جي حوالي سان بريفنگ ڏني. سينيٽر احد چيمه نشاندهي ڪئي ته ضروري دوائون امپورٽ ڪندڙ گهڻو ڪري پهرين هارڊ شپ پاليسي تحت رليف حاصل ڪن ٿا ۽ بعد ۾ دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جو به مطالبو ڪن ٿا. هن چيو ته نظرثاني ٿيل قاعدن ۾ ان مسئلي جو واضح حل هجڻ گهرجي ته جيئن هارڊ شپ پاليسي تحت ملندڙ فائدا قيمتن جي تعين ۾ مناسب طور تي شامل ٿين ۽ ان جو اضافي بار صارفين تي نه پوي. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪو امپورٽ ڪندڙ هارڊ شپ پاليسي تحت حڪومت طرفان ٽيڪس ۾ رعايت يا ڪنهن ٻي رليف مان فائدو کڻي رهيو آهي ته ان کي سموري اضافي لاڳت صارفين تي منتقل ڪرڻ بدران پنهنجي منافعي جي مارجن ۾ به مناسب گهٽتائي لاءِ تيار هجڻ گهرجي. هن ڊريپ کي امپورٽ ڪندڙن ۽ ريٽيلرز جي موجوده مارجنز جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي جن ۾ لاڳاپيل ڪيسز ۾ مارجن اٽڪل 40 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿو، نظرثاني ٿيل هارڊشپ رولز ۾ انهن مارجنز کي معقول سطح تي آڻڻ لاءِ مناسب طريقيڪار جوڙڻ جو حڪم ڏنو. سينيٽر احد چيمه واضح ڪيو ته ضروري ايڊجسٽمنٽ امپورٽ ڪندڙ ۽ ريٽيلر جي مارجنز وچ ۾ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت هارڊشپ پاليسي تحت رليف ڏئي رهي آهي ته امپورٽ ڪندڙ ۽ ريٽيلر کي به پنهنجي مارجنز ۾ مناسب ايڊجسٽمينٽ ڪري ان جو بار ورهائڻو پوندو، اها ايڊجسٽمينٽ سپلائي چين جي اندر ئي هجڻ گهرجي ۽ ڪنهن به صورت ۾ ان جو بار صارف تي منتقل نه ٿيڻ گهرجي.وفاقي وزير صحت واري سيڪريٽري ۽ ڊريپ جي سي اي او کي هدايت ڪئي ته امپورٽ ڪندڙن ۽ ريٽيلرز جي مارجنز کي معقول بڻائڻ لاءِ مناسب طريقيڪار ڄاڻايل هارڊ شپ رولز جو حصو بڻايو وڃي ۽ نظرثاني ٿيل فريم ورڪ جلد کان جلد منظوري لاءِ لاڳاپيل فورم آڏو پيش ڪيو وڃي. هن ڊريپ کي دوائن جي قيمتن جي تعين جي نظام ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ آزاداڻي چيڪ اينڊ بلينس جو طريقو جوڙڻ جي هدايت ڪئي. سينيٽر احمد چيمه چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.