قومي اسيمبلي ۾ معمول واري ايجنڊا جي ڪارروائي روڪي پمز سانحي کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ منظور

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي ۾ معمول واري ايجنڊا جي ڪارروائي روڪي پمز سانحي کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ منظور ڪري ورتي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتراض واري نقطي تي پيپلزپارٽي جي ايم اين اي شازيه مري چيو ته ايوان ۾ معمول جي ايجنڊا جي ڪارروائي معطل ڪندي پمز سانحي کي بحث هيٺ آندو وڃي. ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته سڀني …

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي ۾ معمول واري ايجنڊا جي ڪارروائي روڪي پمز سانحي کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ منظور ڪري ورتي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتراض واري نقطي تي پيپلزپارٽي جي ايم اين اي شازيه مري چيو ته ايوان ۾ معمول جي ايجنڊا جي ڪارروائي معطل ڪندي پمز سانحي کي بحث هيٺ آندو وڃي. ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته سڀني پارٽين جي ميمبرن ان تي اتفاق ڪيو هو، ان لاءِ رولز معطل ڪري ان تي بحث ڪرايون ٿا. وفاقي وزير قيصر احمد شيخ رولز معطل ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي.