اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وزارت حج 2027ع لاءِ ميڊيڪل مشن جي اوپن ٽيسٽنگ سروس (او ٽي ايس) ذريعي درخواستن جي وصولي ۾ 31 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي. جمعي ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب حج 2027ع جي موقعي تي مقدس ماڳ ۾ حاجين جي علاج لاءِ ميڊيڪل مشن جي مقرري لاءِ او ٽي ايس ذريعي 16 آگسٽ تائين درخواستون طلب ڪيون هيون جنهن …
حج 2027ع لاءِ ميڊيڪل مشن جي اوپن ٽيسٽنگ سروس ذريعي درخواستن جي وصولي ۾ 31 آگسٽ تائين واڌ

مزید خبریں
اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وزارت حج 2027ع لاءِ ميڊيڪل مشن جي اوپن ٽيسٽنگ سروس (او ٽي ايس) ذريعي درخواستن جي وصولي ۾ 31 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي. جمعي ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب حج 2027ع جي موقعي تي مقدس ماڳ ۾ حاجين جي علاج لاءِ ميڊيڪل مشن جي مقرري لاءِ او ٽي ايس ذريعي 16 آگسٽ تائين درخواستون طلب ڪيون هيون جنهن لاءِ باقاعده قومي اخبارن ۾ اشتهارن ذريعي اعلان ڪيو ويو هو، جڏهن ته هاڻي وزارت پاڻ اهو فيصلو ڪيو آهي ته اهي درخواستون 31 آگسٽ تائين وصول ڪيون وينديون.











