ڪراچي پوليس پاران ٻن مختلف هنڌن تي مقابلا، 3 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪراچي-28 آگسٽ (اي پي پي) ڪراچي پوليس ٻن مختلف مبينا مقابلن ۾ 3 ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. تفصيل موجب سائيٽ سپر هاءِ وي پوليس ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان ايمونيشن سميت هڪ پستول، 3 موبائيل فون ۽ 80 هزار رپيا روڪ هٿ ڪيا ويا. …

ڪراچي-28 آگسٽ (اي پي پي) ڪراچي پوليس ٻن مختلف مبينا مقابلن ۾ 3 ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. تفصيل موجب سائيٽ سپر هاءِ وي پوليس ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان ايمونيشن سميت هڪ پستول، 3 موبائيل فون ۽ 80 هزار رپيا روڪ هٿ ڪيا ويا. جمعي ڏينهن ضلعي اوڀر جي پوليس جي ترجمان جي جاري ڪيل پڌرائي موجب گرفتار زخمي جوابدار فضل حسين بونيري ولد شيرزاده پنهنجي ساٿي سان گڏجي شهباز ڳوٺ ۾ شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهيو هو ،پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ هڪ جوابدار زخمي ٿي پيو جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي پاسي حاجي مريد ڳوٺ لڳ لياري ايڪسپريس وي تي مبينه پوليس مقابلي ۾ 2 اسٽريٽ ڪرمنلن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبضي مان 2 عدد پستول ، هڪ 9 ايم ايم ۽ هڪ 30 بور ،2 موبائيل فون ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي .پوليس موجب گرفتار زخمي جوابدارن ۾ محمد آصف ولد منظور قريشي ۽ دانيال مرزا ولد سهيل شامل آهن. گلبهار ٿاڻي جي پوليس جوابدارن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جانچ شروع ڪري ڏني آهي.