اسلام آباد - 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس چوري، اسمگلنگ ۽ غيرقانوني ڪاروبار جي خلاف موثر ڪارروايون تيز ڪرڻ ۽ ايف بي آر ۾ سڌارا مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت ملڪي ترقي جي لاءِ ٽيڪس نظام ۾ سڌارا آڻي رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر ۾ سڌارن تي هفتيوار جائزه اجلاس …
وزيراعظم پاران ٽيڪس چوري، اسمگلنگ ۽ غيرقانوني ڪاروبار جي خلاف موثر ڪارروايون تيز ڪرڻ ۽ ايف بي آر ۾ سڌارا مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس چوري، اسمگلنگ ۽ غيرقانوني ڪاروبار جي خلاف موثر ڪارروايون تيز ڪرڻ ۽ ايف بي آر ۾ سڌارا مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت ملڪي ترقي جي لاءِ ٽيڪس نظام ۾ سڌارا آڻي رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر ۾ سڌارن تي هفتيوار جائزه اجلاس جمعي ڏينهن هتي ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي اجلاس ۾ “پرال” جي نئين سر تنظيم سازي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ٽيڪس نظام ۾ سڌارن جي لاءِ قدمن جي لاڳو کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي ۽ سڌارن جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ يقيني بڻائي وڃي، وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ ٽيڪس نظام ۾ سڌارن جو لاڳو ڪري رهيا آهيون. هن ڊيجيٽلائيزيشن، پيداوار جي نگراني ۽ خودڪار نظام کي ايف بي آر سڌارن جو اهم ٿنڀ قرار ڏيندي ٽيڪس چوري، اسمگلنگ ۽ غيرقانوني ڪاروبار جي خلاف موثر ڪارروائي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ايف بي آر ۾ سٺي سهرت رکندڙ گڊز ايويليويٽرز جي مقرري جي عمل کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته ايف بي آر چيئرمين ۽ سندس ٽيم جي ان حوالي سان ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. اجلاس ۾ ايف بي آر ۾ جاري سڌارن، خاص طور تي “پرال” جي نئين سر جوڙجڪ، ٽيڪس نظام جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ اسمگلنگ جي تدارڪ جي لاءِ کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ٽيڪس نظام کي جديد، ٺوس ۽ ڊيٽا تي ٻڌل بڻائڻ جي لاءِ آئرس 3.0، نئين ٽيڪس آپريٽنگ ماڊل ۽ سينٽرل ڊيٽا حب تي مرحليوار ڪم جاري آهي. آئرس 3.0 جي ڊيزائن جي لاءِ عالمي ڪنسلٽنٽس جون خدمتون ورتيون ويون آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پرال ۾ ٽيڪنالاجي، ڊيٽا سيڪيورٽي، آپريشنز ۽ ٽيڪس ڊومين سميت مختلف شعبن ۾ نئين سينئر قيادت جون مقرريون ڪيون ويون آهن جڏهن ته آئرس 3.0 تحت ٽيڪس نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ، آٽو ٽيڪس جي تصور کي پائليٽ ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ مصنوعي ذهانت ۽ مشين رلننگ کي ٽيڪس وصولي بهتر بڻائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي. ڪسٽمز جي شعبي ۾ فيس ليس اسيسمنٽ جي مثبت اثرن بابت اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جنوري کان جون 2026ع دوران في گڊز ڊيڪلريشن سراسري روينيو ۾ 12 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته فيس ليس اسيسمنٽ جي نتيجي ۾ في گڊز ڊيڪلريشن جي اوڳاڙين ۾ بهتري سان گڏوگڏ درآمدي بي ضابطگين جي نشاندهي ۽ نگراني ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. ڪسٽمز اسيسمنٽ جي نظام کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ جي لاءِ 280 گڊز ايويليويٽرز جي ڀرتي جو عمل حتمي مرحلن ۾ آهي. اسلام آباد ۾ سينٽرل اسيسمنٽ يونٽ قائم ڪرڻ تي پڻ اڳڀرائي جاري آهي، عبوري انتظام تحت يونٽ 31 ڊسمبر 2026ع تائين فعال ڪرڻ جڏهن ته مڪمل ٺوس سهولت کي جون 2027ع تائين نئين ڪمپليس ۾ فعال ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جولاءِ 2025ع ۾ ڊيجيٽل انوائسنگ جي ذريعي 236 بلين رپين جي ٽرانزيشنز ٿيون جڏهن ته جولاءِ 2026ع ۾ ان جو ڪاٿو 2.5 ٽريلين رپين جي سطح کي عبور ڪري ورتو ۽ ڊسمبر 2026ع تائين ڊيجيٽل انوائسنگ جي ذريعي 4 ٽريلين رپين جي ٽرانزيڪشنز جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. اسمگلنگ جي تدارڪ جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پيٽروليم مصنوعات جي غيرقانوني چرپر جي روڪٿام جي لاءِ سمورن قانوني پيٽرول پمپس جي جي آءِ ايس ٽيگنگ، جي پي ايس جي ذريعي پيٽروليم مصنوعات جي ٽريڪنگ، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي اي آر پي نظام کي ٽريڪر سان ڳنڍڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي لاءِ مرڪزي ٽريڪنگ ايپ سميت ڪيترائي قدم مڪمل ڪيا ويا آهن. راهه – گذر ايپ جي ذريعي اڍائي هزار غيرقانوني پيٽرول پمپس کي بند ڪرائي انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي آهي جڏهن ته پيٽروليم مصنوعات جي وڪري جي ڊيجيٽل نگراني ۽ ٻين قدمن تي پڻ ڪم جاري آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايف بي آر سڌارن جا سمورا قدم مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪيا وڃن ۽ سڌاراجاتي عمل جي شفافيت، موثريت ۽ پائيداري جي لاءِ ٿرڊ پارٽي آڊٽ يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم ٽيڪس نظام کي جديد ۽ موثر بڻائڻ، روينيو وصولي ۾ اضافي ۽ اسمگلنگ جي مڪمل تدارڪ جي لاءِ سڌارن تي عملدرآمد وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ، ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، قومي اسيمبلي ميمبر عثمان اويسي، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.











