وزيراعظم پاران پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران نيپال جي قيادت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار

اسلام آباد - 28 آگسٽ (اي پي پي)  وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران نيپال جي قيادت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ هر ممڪن تعاون ۽ امداد جي آڇ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جمعي ڏينهن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف نيپال جي وزيراعظم بالندر شاهه کي ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم نيپال ۾ تازي …

اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي)  وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران نيپال جي قيادت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ هر ممڪن تعاون ۽ امداد جي آڇ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جمعي ڏينهن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف نيپال جي وزيراعظم بالندر شاهه کي ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم نيپال ۾ تازي ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران نيپال جي قيادت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي هن مشڪل وقت ۾ هر ممڪن تعاون ۽ امداد جي آڇ ڪئي. وزيراعظم پنهنجي نيپالي هم منصب کي ٻڌايو ته پاڪستان امدادي سرگرمين ۾ مدد جي لاءِ نيپال کي هنگامي امدادي سامان موڪلي رهيو آهي. نيپال جي وزيراعظم بالندر شاهه ٽيليفون ڪرڻ ۽ قدرتي آفت کانپوءِ پاڪستان پاران يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا ادا ڪيا. هن پاڪستان پاران امداد جي فراخدلاڻي آڇ تي پڻ ٿورا ادا ڪيا.