ڄامشورو-28 آگسٽ (اي پي پي)شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو پاران نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس، موبائل ايجوڪيشن يونٽ، سيڪٽر III جي سهڪار سان روڊ سيفٽي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد شاگردن، يونيورسٽي ملازمن ۽ عام ماڻهن ۾ محفوظ ڊرائيونگ جي طريقن ۽ روڊ حادثن کان بچاءَ بابت جاڳرتا اجاگر ڪرڻ هو. سيمينار دوران نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي …
سيبس يونيورسٽي ڄامشورو پاران موٽر وي پوليس جي سهڪار سان روڊ سيفٽي سيمينار منعقد
ڄامشورو-28 آگسٽ (اي پي پي)شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو پاران نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس، موبائل ايجوڪيشن يونٽ، سيڪٽر III جي سهڪار سان روڊ سيفٽي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد شاگردن، يونيورسٽي ملازمن ۽ عام ماڻهن ۾ محفوظ ڊرائيونگ جي طريقن ۽ روڊ حادثن کان بچاءَ بابت جاڳرتا اجاگر ڪرڻ هو. سيمينار دوران نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس جي سب انسپيڪٽر امبرين وقاص ۽ پيٽرول آفيسر فراز اڪبر معلوماتي ليڪچر ڏنا. مقررن روڊ سيفٽي جي مختلف اهم پهلوئن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، جن ۾ حادثن جو تجزيو، سيٽ بيلٽ جي اهميت، تيز رفتاري، هاءِ وي هپناٽزم، ڊرائيونگ دوران ننڊ اچڻ، ڊرائيونگ ۾ ڌيان هٽائڻ وارا عنصر، گاڏين جي وچ ۾ محفوظ فاصلو برقرار رکڻ ۽ موٽرسائيڪل جي حفاظت شامل هئا. مقررن خاص طور تي سيٽ بيلٽ پائڻ، ڊرائيونگ دوران موبائل فون جي استعمال کان پاسو ڪرڻ، رفتار کي ضابطي ۾ رکڻ، لين ڊسيپيلن برقرار رکڻ ۽ ٻين گاڏين کان مناسب فاصلو رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. سيمينار دوران شرڪت ڪندڙن کي گاڏين لاءِ ”پاور چيڪ لسٽ“ بابت پڻ آگاهي ڏني وئي، جيڪا سفر کان اڳ گاڏي جي اهم حصن جي چڪاس لاءِ هڪ آسان يادگيري طور ڪم ڪري ٿي. جنهن تحت پ، مان مراد پيٽرول، او، آئل، ڊبليو، واٽر، اِي ، اليڪٽرسٽي ۽ آر مان مراد رٻڙ آهي. مقررن مناسب لين ضابطن جي اهميت پڻ واضح ڪئي، جنهن ۾ روڊ جي ڪناري واري حصي ورج، هارڊ شولڊ، بيرير ۽ سينٽرل ريزر ويشن بابت ڄاڻ رکڻ ضروري قرار ڏنو. ڊرائيورن کي صلاح ڏني وئي ته مسلسل ٻن ڪلاڪن جي ڊرائيونگ کانپوءِ باقاعده وقفو وٺن، اهڙيون دوائون استعمال ڪرڻ کانپوءِ ڊرائيونگ کان پاسو ڪن، جن سان ننڊ يا غنودگي پيدا ٿئي، ۽ ڊرائيونگ دوران پاڻ کي چست ۽ هوشيار رکڻ لاءِ مناسب احتياطي اپاءَ اختيار ڪن. غنودگي محسوس ٿيڻ جي صورت ۾ ڳچيءَ جي پٺئين حصي ۽ منهن تي ٿڌو پاڻي لڳائڻ جهڙن آسان احتياطي اپائن بابت پڻ آگاهي ڏني وئي. سيمينار ۾ نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس جي ڊي ايس پي ارباب ياور، پيٽرول آفيسر اياز علي، پيٽرول آفيسر نوهيل ۽ اسسٽنٽ پيٽرول آفيسر وحيد شاهه شرڪت ڪئي جڏهن ته سيبس يونيورسٽي پاران ڊائريڪٽرڪيو اِي سِي ڊاڪٽر شبينه شيخ، ڊائريڪٽر اورڪ ڊاڪٽر قمرالدين مهر، ڊپٽي ڊائريڪٽر پبلڪ رليشنز لطيف گاد، انچارج ايڪسٽرا ڪريڪيولم ايڪٽ وٽيز ڪاشف شهزاد ۽ ٻين فيڪلٽي ميمبرن، آفيسرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. آخر ۾ سيبس يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارا بيلا ڀٽو مهمانن کي اجرڪ پارايو، جڏهن ته ڊي ايس پي ارباب ياور وائيس چانسلر کي شيلڊ پيش ڪئي.











