چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان هارورڊ بزنس اسڪول جي شاگردن جي وفد جي ملاقات

راولپنڊي-28 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نوجوانن لاءِ تعليم، هنرمندي کي هٿي وٺرائڻ، ڪاروباري سرگرمين ۽ حقيقتن تي ٻڌل تجزياتي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي اهميت تي زور ڀريو آهي. جمعي ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان جي …

راولپنڊي-28 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نوجوانن لاءِ تعليم، هنرمندي کي هٿي وٺرائڻ، ڪاروباري سرگرمين ۽ حقيقتن تي ٻڌل تجزياتي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي اهميت تي زور ڀريو آهي. جمعي ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان جي دوري تي آيل هارورڊ بزنس اسڪول جي مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ شاگردن جي وفد سان ملاقات ڪري خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال، پاڪستان جي سيڪيورٽي منظرنامي ۽ خطي سميت سڄي دنيا ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز نوجوانن لاءِ تعليم، هنرمندي کي هٿي وٺرائڻ، ڪاروباري سرگرمين ۽ حقيقتن تي ٻڌل تجزياتي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن هو اهڙي وڌندڙ غير يقيني ۽ خطرناڪ عالمي ماحول ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪري سگهن  جتي سوشل ميڊيا ۽ پروپيگنڊا به اثر انداز ٿي رهيا آهن. هارورڊ بزنس اسڪول جي شاگردن پاڪستان جي جاري دوري دوران پنهنجي خوشگوار تجربن جو اظهار ڪيو. هنن خاص ڪري پاڪستاني عوام جي صاف دل ۽ گرمجوشي کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ موجود بي پناهه صلاحيتن ۽ موقعن جي به واکاڻ ڪئي.