احتجاج جي آڙ ۾ تشدد ۽  ڀڃ ڊاهه جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي: وفاقي وزير محسن نقوي

چارسده-28 آگسٽ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته پرامن احتجاج هر شهري جو حق آهي، قانون احتجاج جي طريقيڪار کي واضح طور تي تعين ڪري رکيو آهي، قانون جي دائري ۾ رهندڙ پرامن احتجاج تي ڪنهن کي اعتراض ناهي، ملڪ جي امن امان ۽ استحڪام کي ڪنهن به صورت ۾ نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هو جمعي ڏينهن چارسده ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري ٽريننگ …

چارسده-28 آگسٽ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته پرامن احتجاج هر شهري جو حق آهي، قانون احتجاج جي طريقيڪار کي واضح طور تي تعين ڪري رکيو آهي، قانون جي دائري ۾ رهندڙ پرامن احتجاج تي ڪنهن کي اعتراض ناهي، ملڪ جي امن امان ۽ استحڪام کي ڪنهن به صورت ۾ نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هو جمعي ڏينهن چارسده ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري ٽريننگ سينٽر شب قدر جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير محسن نقوي اينٽي رائٽ ونگ جي خصوصي تربيتي مشقن جو معائنو ڪيو ۽ اهلڪارن جي پيشيوراڻين صلاحيتن، جديد تربيت ۽ آپريشنل تياري کي ساراهيو. وفاقي وزير اينٽي رائٽ ونگ جي اهلڪارن جون مختلف عملي مشقون ڏٺيون. اهلڪارن هجوم کي ڪنٽرول ڪرڻ، حساس هنڌن جي تحفظ، پُرتشدد صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ امن امان برقرار رکڻ بابت پنهنجي پيشيوراڻي مهارت جو عملي مظاهرو ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته اينٽي رائٽ فورس کي جديد رخن تي تربيت ڏني وئي آهي، امن امان جي ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ فورس مڪمل طور تي تيار ۽ ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته احتجاج جي آڙ ۾ تشدد، ڀڃ ڊاهه، سرڪاري يا نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ امن امان کي خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. رياست امن ۽ امان برقرار رکڻ جي پنهنجي ذميواري پوري ڪندي ۽ قانون هٿ ۾ کڻندڙن کي قانون موجب منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته امن امان جي موجوده صورتحال ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جو ڪردار سڄي ملڪ ۾ انتهائي اهميت وارو آهي، اوهان کي هر قسم جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿيڻو آهي، پنهنجي تربيت ڀرپور طريقي سان مڪمل ڪريو ۽ مڪمل پيشيوراڻي تياري سان ميدان ۾ لهو. اوهان کي عالمي معيار جو جديد پروٽيڪشن گيئر فراهم ڪيو پيو وڃي ته جيئن فيلڊ ۾ اوهان جي حفاظت ۽ آپريشنل صلاحيت کي يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي وزير محسن نقوي سمورن جوانن کي گئس ماسڪ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اوهان جي تربيت تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي، هر طرح جي ٽريننگ محنت، لگن ۽ مڪمل پيشيوراڻي جذبي سان مڪم ڪريو، وفاقي وزير ايف سي هيڊڪوارٽر ۾ راندين جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته عالمي معيار جو سوئمنگ پول به تعمير ڪرايو ويندو. وفاقي وزير بيرڪس جو دورو ڪيو، اهلڪارن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جا مسئلا معلوم ڪيا. وفاقي وزير ايف سي هيڊڪوارٽر ۾ اهلڪارن جا سمورا واش رومز  نئين سر تعمير ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير اهلڪارن کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان گذريل وزٽ ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو اٿاريو هو، هاڻي ڪهڙي صورتحال آهي؟ اهلڪارن ٻڌايو ته هاڻي لوڊشيڊنگ ناهي ۽ بنا رنڊڪ جي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. وفاقي وزير هڪ اهلڪار جي والده جي ڪينسر جي علاج لاءِ فوري قدمن جي هدايت پڻ ڪئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته تربيت حاصل ڪندڙ اهلڪارن ۾ سمورن صوبن سميت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کي نمائندي حاصل آهي جڏهن ته تربيتي پروگرام ۾ پهريون ڀيرو 35 عورت اهلڪار به شامل آهن. آءِ جي فيڊرل ڪانسٽيبلري، ڊي آءِ جي ٽريننگ، ڊي او ايف سي ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا.