آمريڪي صدر پاران ڪينيڊا سان واپاري ڇڪتاڻ دوران اونٽاريو ڍنڍ جو نالو بدلائڻ جي حڪم نامي تي صحيحون

واشنگٽن -28 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انوٽاريو ڍنڍ جو نالو تبديل ڪري ليڪ آمريڪا رکڻ لاءِ ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيحون ڪري ڇڏيو آهن . جنهن سان آمريڪا ۽ ڪينيڊا وچ ۾ جاري واپاري ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اوول آفيس ۾ حڪم نامي تي صحيحون ڪندي ٽرمپ چيو ته اونٽاريو ڍنڍ جو نالو بدلائي ليڪ آمريڪا رکيو ويندو. اونٽاريو ڍنڍ اتر …

واشنگٽن -28 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انوٽاريو ڍنڍ جو نالو تبديل ڪري ليڪ آمريڪا رکڻ لاءِ ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيحون ڪري ڇڏيو آهن . جنهن سان آمريڪا ۽ ڪينيڊا وچ ۾ جاري واپاري ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اوول آفيس ۾ حڪم نامي تي صحيحون ڪندي ٽرمپ چيو ته اونٽاريو ڍنڍ جو نالو بدلائي ليڪ آمريڪا رکيو ويندو. اونٽاريو ڍنڍ اتر آمريڪا جي پنجن وڏين ڍنڍن ۾ شامل آهي ۽ ان جي سرحد آمريڪا ۽ ڪينيڊا وچ ۾ واقع آهي. اهي قدم ٻنهي ملڪن وچ ۾ وچولي سطح جون واپاري ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کان پوءِ نوان ٽيڪس لاڳو ٿيڻ کان پوءِ سامهون آيا آهن. آمريڪا 22 آگسٽ تي 20 ارب ڊالرن جي ماليت جي ڪينيڊا جي شين تي 50 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو هيو جهن جي جواب ۾ ڪينيڊا به آمريڪي آمدني واپار تي ڊالر جي بدلي ڊالر جي بنيادي جوابي ٽيڪس جو اعلان ڪيو آهي. ڪينيڊا جي صنعت واري وزير چيو ته ڪينيڊا ان نئين نظام کي تسليم نه ڪندو ۽ پاڻي جي ان ذخيري کي هميشه ليڪ اونٽاريو ئي چيو ويندو. ٽرمپ جنوري 2025ع ۾ نار ميڪسيڪو جو نالو بدلائي گلف آف آمريڪا رکڻ جو حڪم به جاري ڪيو هيو.