نيپال ۾ ٻوڏ سبب فوتگين جو انگ 469 ٿي ويو

کٽمنڊو -28 آگسٽ (اي پي پي) نيپال ۾ اربع ڏينهن آيل تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ لينڊسلائيڊنگ سبب ٿيل فوتگين جو انگ 469 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب نيپال جي پوليس ٻڌايو ته امدادي ۽ ڳولا وارين ڪاررواين دوران جمعي جي صبح تائين 469 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته متاثر علائقن ۾ سرچ ۽ ريسڪيو  آپريشن جاري آهي. پوليس موجب هيستائين 1545 ماڻهن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪيو …

کٽمنڊو -28 آگسٽ (اي پي پي) نيپال ۾ اربع ڏينهن آيل تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ لينڊسلائيڊنگ سبب ٿيل فوتگين جو انگ 469 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب نيپال جي پوليس ٻڌايو ته امدادي ۽ ڳولا وارين ڪاررواين دوران جمعي جي صبح تائين 469 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته متاثر علائقن ۾ سرچ ۽ ريسڪيو  آپريشن جاري آهي. پوليس موجب هيستائين 1545 ماڻهن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪيو ويو آهي.