اسلام آباد- 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن ۽ پنهنجن پُراڻن لاڳاپن کي مضبوط واپاري ۽ سيڙپڪاري ڀائيواري ۾ تبديل ڪندا، مڪه مُڪرمه گڏيل دفاعي معاهدي سان پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وڌيڪ ويجهو آيا آهن، معاهدي سڄي خطي ۾ اتحاد ۽ امن جو پيغام ڏنو …
پاڪستان ۽ سعودي عرب اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن، پنهنجن پُراڻن لاڳاپن کي مضبوط واپاري ۽ سيڙپڪاري ڀائيواري ۾ تبديل ڪنداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن ۽ پنهنجن پُراڻن لاڳاپن کي مضبوط واپاري ۽ سيڙپڪاري ڀائيواري ۾ تبديل ڪندا، مڪه مُڪرمه گڏيل دفاعي معاهدي سان پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وڌيڪ ويجهو آيا آهن، معاهدي سڄي خطي ۾ اتحاد ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هُن سعودي عرب جي ماحول، پاڻي ۽ زراعت واري وزير انجنيئر عبدالرحمان بن عبدالمحسن الفضلي سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو جنهن جمعي ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب، وزيراعظم سعودي وزير ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، هُن خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته سعودي عرب، ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تازي ٿيندڙ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي سان ٽئي ملڪ وڌيڪ ويجهو آيا آهن ۽ ان معاهدي پُوري خطي ۾ اتحاد ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن، ان لاءِ هاڻي ٻنهي ملڪن کي اقتصادي ۽ زرعي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن ڊگهن لاڳاپن کي مضبوط واپاري ۽ سيڙپڪاري ڀائيواري ۾ تبديل ڪري سگهجي جنهن سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي پاڪستان کان سعودي عرب کي زرعي شين جي برآمد جي حوالي سان جاري مثبت تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي، کوجنا، ترقي ۽ پاڻي جي وسيلن جي وڌيڪ موثر استعمال وسيلي تعاون وڌائڻ تي پُڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم اعلان ڪيو ته پاڪستان جي زرعي ماهرن جو هڪ وفد جلد رياض جو دورو ڪندو جتي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ انهن معاملن تي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ته جيئن ان حصيداري جي مڪمل صلاحيت مان فائدو حاصل ڪري سگهجي. سعودي وزير گرمجوشي سان استقبال ۽ مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا. هن زراعت، پاڻي ۽ خوراڪ جي تحفظ جي شعبن ۾ پاڪستان سان تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي سعودي عرب جي عزم کي ورجايو. مُلاقات ۾ وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، محمد اورنگزيب، عطا تارڙ، ڄام ڪمال خان، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، جنيد انوار چوڌري، بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي ۽ ڊاڪٽر سيد توقير شاهه سميت ٻيا اعليٰ عملدار پُڻ موجُود هُئا.











