پبلڪ پروڪيورمنٽ نظام کي وڌيڪ شفاف، مؤثر ۽ جوابده بنائڻ حڪومت جي ترجيح آهي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پبلڪ پروڪيورمنٽ نظام کي وڌيڪ شفاف، مؤثر ۽ جوابده بنائڻ حڪومت جي ترجيح آهي. جديد گهرجن موجب نظام کي مؤثر بنائڻ لاءِ قانوني سڌارا ضروري آهن جڏهن ته شڪايتن جي مؤثر ازالي، نگراني، مفادن جي ٽڪراءُ کان بچڻ ۽ اداره جاتي آزاديءَ کي يقيني بنائڻ به اڻٽر آهي. قانون ۽ انصاف واري …

اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پبلڪ پروڪيورمنٽ نظام کي وڌيڪ شفاف، مؤثر ۽ جوابده بنائڻ حڪومت جي ترجيح آهي. جديد گهرجن موجب نظام کي مؤثر بنائڻ لاءِ قانوني سڌارا ضروري آهن جڏهن ته شڪايتن جي مؤثر ازالي، نگراني، مفادن جي ٽڪراءُ کان بچڻ ۽ اداره جاتي آزاديءَ کي يقيني بنائڻ به اڻٽر آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب اهڙو اظهار هن قانونسازيءَ جي ڪيسن بابت ڪميٽي (سي سي ايل سي) جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾  پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2002ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته نئين پبلڪ پروڪيورمنٽ رولز 2025ع جي مسودي تي پڻ غور ڪيو ويو. ڪميٽيءَ فيصلو ڪيو ته پبلڪ پروڪيورمنٽ رولز 2025ع بابت ڪيترن ئي معاملن کي تجويز ڪيل قانونسازي جي تڪميل تائين ملتوي ڪيو ويندو. اجلاس ۾ پبلڪ پروڪيورمنٽ جي قانوني ۽ اداره جاتي نظام ۾ سڌارن بابت معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير پبلڪ پروڪيورمنٽ نظام ۾ شفافيت، جوابدهي ۽ مؤثر نگرانيءَ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو. اجلاس ۾ پبلڪ پروڪيورمنٽ بابت شڪايتن جي آزاداڻي ازالي ۽ ٿرڊ پارٽي جائزي جي طريقيڪار تي پڻ غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ پبلڪ پروڪيورمنٽ جي عمل ۾ مفادن جي ٽڪراءُ کان بچڻ ۽ اداره جاتي آزادي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو، جڏهن ته نظام ۾ اِي پروڪيورمنٽ جي مؤثر استعمال کي هٿي ڏيڻ تي پڻ غور ٿيو. ڪميٽي اوگرا (ترميمي) بل 2026ع ۽ ايس ايم اي ڊي اي آرڊيننس 2002ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي به منظوري ڏني. اجلاس ۾ ڊرافٽ پيٽروليم رولز 2025ع جي منظوريءَ سان گڏوگڏ پيٽروليم شين جي چُرپر ۽ ذخيري بابت حفاظتي معيارن جي تجويز ڪيل قاعدن جي به منظوري ڏني وئي. پيٽروليم شعبي بابت قاعدن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪندڙ قدمن جي به منظوري ڏني وئي. وفاقي زوير قانونسازيءَ جي عمل ۾ قانوني ۽ فني رُخن جو جائزو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته مؤثر قانونسازي جي لاءِ سمورن لاڳاپيل معاملن جو غور سان جائزو وٺڻ ضروري آهي. اجلاس ۾ منظور ٿيل ايجنڊا ايٽمز تي لاڳاپيل قانوني ڪارروائي اڳتي وڌائڻ جي به منظوري ڏني وئي.