فيصل آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چارٽر آف اڪانومي تي اتفاق ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير مقامي هوٽل ۾ رچمنڊ انسٽيٽيوٽ آف هائر ايجوڪيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته تعليم ۽ صحت اهڙا بنيادي شعبا آهن جن کي قومي ترجيحن ۾ سرفهرست رکڻ …
ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چارٽر آف اڪانومي تي اتفاق ڪرڻو پوندو: قيصر احمد شيخ

مزید خبریں
فيصل آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چارٽر آف اڪانومي تي اتفاق ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير مقامي هوٽل ۾ رچمنڊ انسٽيٽيوٽ آف هائر ايجوڪيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته تعليم ۽ صحت اهڙا بنيادي شعبا آهن جن کي قومي ترجيحن ۾ سرفهرست رکڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ تعليمي نظام جي بهتري ۽ هر ٻار تائين معياري تعليم جي رسائي اڻٽر آهي. هن چين جو مثال ڏيندي چيو ته پاڪستان کي به نوجوان نسل کي علم سان عملي مهارت ۽ بهتر سماجي روين جي تربيت ڏيڻي پوندي. وفاقي وزير رچمنڊ انسٽيٽيوٽ طرفان تعليم سان گڏ تربيت ۽ اسڪلز تي توجهه ڏيڻ جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته اهڙا ادارا ملڪي نوجوانن کي مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ اهم ڪرار ادا ڪري سگهن ٿا.











