ڪراچي-27 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي سينيئر ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ روڊ ٺھي رھيا آھن، گھر ٺھي رھيا آھن، بجلي پيدا ٿي رھي آھي ۽ صوبو تيزي سان اڳتي وڌي رھيو آھي، سنڌ حڪومت رڳو دعويٰ ناھي ڪندي پر اُن جون ترقياتي رٿائون ۽ عملي قدم پاڻ ئي ڪارڪردگي جو اعلان آھن، مالي سال 2025-26 جي لاءِ …
سنڌ ۾ روڊ ۽ گهر ٺهي رهيا آهن، بجلي پيدا ٿي رهي آهي، صوبو تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي، اها دعويٰ نه پر ترقياتي رٿائن ۽ عملي ڪارڪردگيءَ جو پاڻمرادو اظهار آهي: شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي-27 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي سينيئر ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ روڊ ٺھي رھيا آھن، گھر ٺھي رھيا آھن، بجلي پيدا ٿي رھي آھي ۽ صوبو تيزي سان اڳتي وڌي رھيو آھي، سنڌ حڪومت رڳو دعويٰ ناھي ڪندي پر اُن جون ترقياتي رٿائون ۽ عملي قدم پاڻ ئي ڪارڪردگي جو اعلان آھن، مالي سال 2025-26 جي لاءِ سنڌ جو ترقياتي پروگرام 1018 ارب رُپيا رکيو ويو آھي، جنھن ۾ 3642 اسڪيمون شامل آھن،، سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ۽ ترقياتي عمل جو وسيع ڳاڻيٽو اوليتن جو چٽو ثبوت آھي. ھڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گذريل پنجن ورھين دوران سنڌ ۾ 5636 ڪلوميٽر روڊ تيار ڪيا ويا، جڏھن ته 1460 مختلف ترقياتي رٿائون مڪمل ڪيون ويون آھن، سنڌ جي ترقي جو سڀني کان وڏو ثبوت اُھي سھولتون آھن، جيڪي سڌي ريت عوام کي ملي رھيون آھن، صحت ۽ بنيادي سھولتن جي ميدان ۾ سنڌ حڪومت جي ڪاوشن جو اعتراف سڄي دُنيا ۾ ڪيو پيو وڃي. ھن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي لاءِ 21 لک پڪن گھرن جي تعمير جو منصوبو دُنيا ۾ رليف ۽ بحالي جي حوالي سان ھڪ بيمثال قدم آھي. ھن چيو ته ٿرڪول منصوبي مان پيدا ٿيندڙ 3240 ميگا وارٽ بجلي قومي گرڊ ذريعي سڄي ملڪ جي عوام کي ڏني وئي وڃي، جڏھن ته ونڊ ۽ سولر سميت ڪيترائي قابل تجديد توانائي جا منصوبا به قومي گرڊ جو حصو بڻجي چُڪا آھن. آبپاشي جي شعبي ۾ 3675 واھن جي لائيننگ جون رٿائون مڪمل ڪيون ويون آھن، جنھن جي نتيجي ۾ 5880 ڪيوسڪ پاڻي جي بچت ٿي آھي، سنڌ جو پي پي پي پورٽ فوليو 2010 ۾ لڳ ڀڳ 5 ارب رُپين کان وڌي 2024 ۾700 ارب رُپين کان وڌي چڪو آھي، جڏھن تھ 142 ارب رُپين جا منصوبا ھن وقت جاري آھن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ پنھنجي وسيلن کي قومي ترقي کي سگهھ بخشڻ لاءِاستعمال ڪيو آھي، مخالف جيڪڏھن ترقي جو حساب گھرن ٿا ته اسان سياسي تقريرن بدران انگ اکر پيش ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ترقي حقيقتن، انگن اکرن ۽ عملي رٿائن مان ظاهر آھن. ھن چيو ته سنڌ جي ترقي ڪنھن ھڪ شھر يا طبقي جي ترقي نه پر پوري ملڪ جي عوام جي ترقي آھي سنڌ جا وسيلا، توانائي، انفرا اسٽرڪچر ۽ مختلف خدمتن سان پوري پاڪستان جا ماڻھو بنا ڪنھن فرق جي لاڀ ماڻي رھيا آھن.












