اسلام آباد - 27 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي سرڪاري دوري جي دوران خميس ڏينهن لنڊن ۾ برطانوي پرڏيهي وزير ايڊ ملي بينڊ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڌرين پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزارتن جي وچ ۾ باضابطا ڳالهه ٻولهه جي لاءِ …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي برطانوي پرڏيهي وزير ايڊ ملي بينڊ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي سرڪاري دوري جي دوران خميس ڏينهن لنڊن ۾ برطانوي پرڏيهي وزير ايڊ ملي بينڊ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڌرين پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزارتن جي وچ ۾ باضابطا ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ منظم طريقيڪار قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو جنهن تحت تعاون جي سمورن شعبن جو احاطو ڪيو ويندو، ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو ويندو ۽ اهم شعبن ۾ اڳڀرائي جو باقاعدگي سان جائزو ورتو ويندو. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي اعلى سطحي مسلسل رابطن ۽ ويجهي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي بشمول وچ اوڀر جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خطي ۾ پاڪستان جي سفارتي ۽ ثالثي جي ڪوششن ۽ انهن رابطن جي ذريعي حاصل ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. برطانوي پرڏيهي وزير ايڊ ملي بينڊ وچ اوڀر ۾ ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار ۽ سهولتڪاري جي ڪوششن کي ساراهيو. ڳالهه ٻولهه ۾ سنڌ طاس معاهدي بابت اڳڀرائي ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال پڻ بحث هيٺ آئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڀارت پاران عالمي ذميوارين جي مسلسل خلاف ورزين جي نشاندهي ڪندي عالمي قانون ۽ معاهداتي ذميوارين جي پاسداري جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير افغان سرزمين تان جنم وٺندڙ دهشتگردي جي خطرن ۽ افغانستان مان سرگرم دهشتگرد گروهن پاران پاڪستان جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرن تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڌرين خطي ۽ ان کان ٻاهر امن، استحڪام ۽ تعاون جي فروغ جي لاءِ مسلسل رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي اهم ڪردار کي تسليم ڪيو.











