قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر وقتي صدر جون ذميداريون سنڀالي ورتيون

اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق صدرِ مملڪت ۽ سينيٽ چيئرمين جي ملڪ ۾ غير موجودگي جي بنياد تي وقتي صدر جون ذميداريون سنڀالي ورتيون. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر سردار اياز صادق وقتي صدر جون ذميداريون سنڀالي ورتيون آهن ڇاڪاڻ ته صدرِ پاڪستان هن وقت 27 کان 31 آگسٽ تائين جمهوريه آسٽريا جي دؤري تي آهي. ٻئي پاسي سينيٽ چيئرمين به سرڪاري …

اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق صدرِ مملڪت ۽ سينيٽ چيئرمين جي ملڪ ۾ غير موجودگي جي بنياد تي وقتي صدر جون ذميداريون سنڀالي ورتيون. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر سردار اياز صادق وقتي صدر جون ذميداريون سنڀالي ورتيون آهن ڇاڪاڻ ته صدرِ پاڪستان هن وقت 27 کان 31 آگسٽ تائين جمهوريه آسٽريا جي دؤري تي آهي. ٻئي پاسي سينيٽ چيئرمين به سرڪاري دؤري تي پرڏيهه روانو ٿي ويو آهي. صدر ۽ سينيٽ چيئرمين ٻنهي جي غير موجودگيءَ کي نظر ۾ رکندي اسپيڪر سردار اياز صادق صدرِ مملڪت ۽ سينيٽ چيئرمين جي پاڪستان واپسيءَ تائين صدر مملڪت جا فرض سرانجام ڏيندو. واضح رهي ته آئين تحت صدرِ مملڪت ۽ سينيٽ چيئرمين جي ملڪ ۾ غير موجودگيءَ تي اسپيڪر وقتي صدر جو منصب سنڀالي ٿو.