لاڙڪاڻو-27 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اليڪشن 28-2026ع جي سلسلي ۾ اليڪشن ڪمشنر عبدالرزاق بروهي جي نگراني ۾ ايگزيڪٽيو ڪاميٽي ميمبرن لاءِ ايسوسيئيٽ ڪلاس جي 15 سيٽن لاءِ 19 نامزدگي فارم جاري ڪيا ويا، جن مان 18 فارم وصول ٿيا ۽ ڪارپوريٽ ڪلاس جي 15 سيٽن لاءِ 15 نامزدگي فارم جاري ڪيا ويا، جن مان سڀئي فارم وصول ٿيا. ان موقعي تي اسڪروٽني ڪميٽي …
لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري اليڪشن 28-2026ع جي ايسوسيئيٽ ڪلاسن جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب
لاڙڪاڻو-27 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اليڪشن 28-2026ع جي سلسلي ۾ اليڪشن ڪمشنر عبدالرزاق بروهي جي نگراني ۾ ايگزيڪٽيو ڪاميٽي ميمبرن لاءِ ايسوسيئيٽ ڪلاس جي 15 سيٽن لاءِ 19 نامزدگي فارم جاري ڪيا ويا، جن مان 18 فارم وصول ٿيا ۽ ڪارپوريٽ ڪلاس جي 15 سيٽن لاءِ 15 نامزدگي فارم جاري ڪيا ويا، جن مان سڀئي فارم وصول ٿيا. ان موقعي تي اسڪروٽني ڪميٽي جي چيئرمين حاجي الله ڏنو شيخ فارمن جي جاچ پڙتال ڪندي ڪارپوريٽ ڪلاس جي سمورن فارمن کي بحال ڪري ڇڏيو، جن کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ايسوسيئيٽ ڪلاس جي 18 فارمن جي جاچ پڙتال ڪندي 16 فارم بحال ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سرفراز حسين ۽ محمد جواد شيخ جا فارم رد ڪيا ويا آهن.











