ايس اي سي پي جي چيئرمين پاران پاڪستان ۾ موبيز جي توسيع جي آجيان، ڊجيٽلائيزيشن معاشي ترقي جو اهم محرڪ قرار

اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪبير احمد سڌو چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي چٽاڀيٽي جو دارومدار ڊجيٽلائيزيشن، جدت ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ڪاروباري ماڊلز کي موثر طور تي اختيار ڪرڻ تي آهي، پاڪستان جا نوجوان ۽ باصلاحيت ٽيڪنالاجي پروفيشنلز ملڪ کي آءِ ٽي سروسز، ڊجيٽل سالوشنز ۽ عالمي ٽيڪنالاجي سروسز جو اهم علائقائي مرڪز بڻائڻ …

اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪبير احمد سڌو چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي چٽاڀيٽي جو دارومدار ڊجيٽلائيزيشن، جدت ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ڪاروباري ماڊلز کي موثر طور تي اختيار ڪرڻ تي آهي، پاڪستان جا نوجوان ۽ باصلاحيت ٽيڪنالاجي پروفيشنلز ملڪ کي آءِ ٽي سروسز، ڊجيٽل سالوشنز ۽ عالمي ٽيڪنالاجي سروسز جو اهم علائقائي مرڪز بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. ايس ايم سي پي طرفان خميس ڏينهن جاري پڌرائي موجب ڊاڪٽر ڪبير احمد سڌو چيو ته ايس اي سي پي هڪ شفاف، موثر ۽ ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ريگوليٽري ماحول جي قيام لاءِ ڪارپوريٽ سيڪٽر، ڪيپيٽل مارڪيٽس، انشورنس، نان بينڪ فنانشل سروسز ۽ ڪارپوريٽ ڊيبٽ مارڪيٽس جي ريگوليٽري فريم ورڪ کي مسلسل آسان ۽ جديد بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن ڪاروبار جي لاڳت ۽ وقت  ۾ گهٽتائي ڪرڻ، شفافيت ۽ ريگوليٽري تعمير بهتر بڻائڻ، سيڙپڪاري ۾ سهولت ڏيڻ ۽ ڪاروبار کي موثر انداز ۾ سگهه ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ايس اي سي پي جو مقصد ريگوليٽري عمل کي وڌيڪ ڊجيٽل، آسان ۽ ڪاروبار دوست بڻائڻ آهي جڏهن ته گورننس ۽ سيڙپڪارن لاءِ تحفظ جا معيار برقرار رکڻ به يقيني بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوان آبادي ۽ وڌندڙ ٽيڪنالاجي ٽئلينٽ پائيدار معاشي ترقي جا مضبوط بنياد آهن جڏهن ته معياري روزگار جا موقعا ۽ پاڪستاني پروفيشنلز کي عالمي مارڪيٽن سان جوڙڻ ان صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ ضروري آهي.ان روشني ۾ ايس اي سي پي چيئرمين نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ سليڪون1، ڪراچي ۾ آفيس ذريعي موبيز جي پاڪستان ۾ توسيع جي آجيان ڪئي. هن چيو ته  دنيا جي چئن کنڊن ۾ 170 کان وڌيڪ پروفيشنلز ۽ ڪلائوڊ، ڊيٽا، مصنوعي ذهانت ۽ سائبر سيڪيورٽي ۾ مهارت رکندڙ موبيز جي موجودگي پاڪستان جي ٽيڪنالاجي ايڪو سسٽم ۾ موجود موقعن جي عڪاسي ڪري ٿي. هن موبيز ۽ ان جي قيادت کي ان اهم سنگ ميل تي مبارڪون ڏنيون ۽ پاڪستان ۾ ڪمپني جي وڌيڪ ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جوا ظهار ڪيو.