گهرن جي تعمير لاءِ بئنڪن طرفان فراهم ڪيل قرضن ۾ جولاءِ دوران ساليانو بنيادن تي اضافو

اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) گهرن جي تعمير لاءِ بئنڪن طرفان فراهم ڪيل قرضن ۾ جولاءِ دوران ساليانو بنيادن تي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن موجب گهرن جي تعمير ۽ خريداري لاءِ بئنڪن طرفان صارفين کي 286 ارب روپين جا قرض فراهم ڪيا ويا جيڪي گذريل سال جولاءِ جي ڀيٽ ۾ 37.2 سيڪڙو وڌيڪ آهن. گذريل سال جولاءِ ۾ گهرن جي تعمير ۽ خريداري …

اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) گهرن جي تعمير لاءِ بئنڪن طرفان فراهم ڪيل قرضن ۾ جولاءِ دوران ساليانو بنيادن تي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن موجب گهرن جي تعمير ۽ خريداري لاءِ بئنڪن طرفان صارفين کي 286 ارب روپين جا قرض فراهم ڪيا ويا جيڪي گذريل سال جولاءِ جي ڀيٽ ۾ 37.2 سيڪڙو وڌيڪ آهن. گذريل سال جولاءِ ۾ گهرن جي تعمير ۽ خريداري لاءِ بئنڪن طرفان صارفين کي 208 ارب روپين جا قرض فراهم ڪيا ويا هئا. جون جي ڀيٽ ۾ جولاءِ ۾ گهرن جي تعمير ۽ خريداري لاءِ بئنڪن طرفان قرضن جي فراهمي ۾ ماهوار بنيادن تي 7.1 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو. جون ۾ گهرن جي تعمير ۽ خريداري لاءِ بئنڪن طرفان 267 ارب روپين جا قرض فراهم ڪيا ويا، جون ۽ جولاءِ ۾ اها رقم وڌي 286 ارب روپيا ٿي وئي. واضح رهي ته جولاءِ 2026ع تائين بئنڪن طرفان نجي شعبي کي فراهم ڪيل مجموعي قرضن جو ڳاڻيٽو 10.89 ٽريلين روپين تائين پهچي ويو آهي.