اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3500 روپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 83 هزار 36 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسئيشن موجب خميس ڏينهن سون جي في تولو قيمت 3500 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 83 هزار 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3500 روپين جي گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3500 روپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 83 هزار 36 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسئيشن موجب خميس ڏينهن سون جي في تولو قيمت 3500 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 83 هزار 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3001 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 14 هزار 125 روپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 82هزار 379 روپين کان گهٽجي 3 لک 79 هزار 628 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چاندي جي قيمتن 50 روپين جي اضافي کانپوءِ 7 هزار 329 روپيا ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 43 روپيا اضافي کانپوءِ 6 هزار 283 روپيا ٿي وئي.










