کٽمنڊو-27 آگسٽ (اي پي پي) نيپال ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب فوتگين جو انگ 270 ٿي ويو، جڏهن ته 644 سياح گُم آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب نيپال جي پوليس جاري بيان ۾ چيو آهي ته ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ فوتگين جو انگ 270 تائين پهچي ويو آهي. نيپال ٽوئر ازم بورڊ جي رپورٽ موجب گُم ٿيل سياحن ۾ 127 نيپالي شهري ۽ اٽڪل 30 ملڪن سان تعلق رکندڙ 517 …
نيپال ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب فوتگين جو انگ 270 ٿي ويو، 644 سياح گُم
کٽمنڊو-27 آگسٽ (اي پي پي) نيپال ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب فوتگين جو انگ 270 ٿي ويو، جڏهن ته 644 سياح گُم آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب نيپال جي پوليس جاري بيان ۾ چيو آهي ته ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ فوتگين جو انگ 270 تائين پهچي ويو آهي. نيپال ٽوئر ازم بورڊ جي رپورٽ موجب گُم ٿيل سياحن ۾ 127 نيپالي شهري ۽ اٽڪل 30 ملڪن سان تعلق رکندڙ 517 پرڏيهي سياح شامل آهن. متاثر علائقن ۾ گُم ٿيل ماڻهن جي تلاش ۽ وڌيڪ لاشن جي بازيابيءَ لاءِ سرچ اينڊ ريسيڪو آپريشن جاري آهي. نيشنل ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن اينڊ مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ موجب امدادي ٽيمون هاڻ تائين 305 ماڻهن کي فضائي رستن ذريعي محفوظ ماڳن تي منتقل ڪري چڪيون آهن جڏهن ته 7451 سيڪيورٽي اهلڪار امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. آسٽريليا جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان پوءِ بحران کي مُنهن ڏيڻ جي ماهرن کي نيپال اُماڻيو ويندو. سريلنڪا جي صدر انورا ڪمارا ڊسانائيڪي به جاني نقصان تي ڏُک جو اظهار ڪندي امدادي ۽ بحالي ڪاررواين ۾ مدد جي آڇ ڪئي آهي.












