پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري تعطل جي حل لاءِ مخلصاڻي ڪوششن ۾ مصروف آهي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 27 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان ٻين ڀائر ملڪن سان گڏجي نار ۽ وچ اوڀر جي بحران خاص طور تي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري تعطل جي حل لاءِ مخلصاڻي ڪوششن ۾مصروف آهي. خميس ڏينهن هتي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته علائقائي سطح تي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز …

اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان ٻين ڀائر ملڪن سان گڏجي نار ۽ وچ اوڀر جي بحران خاص طور تي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري تعطل جي حل لاءِ مخلصاڻي ڪوششن ۾مصروف آهي. خميس ڏينهن هتي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته علائقائي سطح تي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير 24 آگسٽ تي پاڪستان جي جاري سفارتي ڪوششن جي سلسلي ۾ تهران جو دورو ڪيو جنهن جو مقصد آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تڪرار جي خاتمي ۽ آبنائي هرمز کي ٻيهر کولڻ جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ آهي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ علائقائي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، فوجي تعطل جي خاتمي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل جي امڪانن جو جائزو وٺڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ترجمان چيو ته ان دوري آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اختلاف گهٽ ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مخلصاڻي ۽ تعميري ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ايراني قيادت ڳالهه ٻولهه، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن واضح ڪيو ته ڪجهه ڌرين پاران اها دعوى ته چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز صدر ٽرمپ يا آمريڪا جي ايلچي جي حيثيت سان ايران جو دورو ڪيو، گمراهه ڪندڙ ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهي. ترجمان چيو ته سندس اهو دورو نج پاڪستان جي جاري ثالثي ڪردار جي تناظر ۾ ۽ پس منظر ۾ ڪيو ويو. ترجمان وڌيڪ چيو ته ان اهم اڳڀرائي سان گڏوگڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پڻ خطي ۾ پنهنجي هم منصوبن سان مسلسل رابطي ۾ رهيو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم 14 آگسٽ تي مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ بنيادي طور تي ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته 17، 19 ۽ 25 آگسٽ تي نائب وزيراعظم ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فيدان سان علائقائي صورتحال، تعاون جي فروغ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته 24 آگسٽ تي نائب وزيراعظم ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ وجهي ٻطرفي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو ويو ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد تي خصوص زور ڏنو ويو. هن چيو ته پاڪستان سفارتي رابطن ۽ ڪوششن کي فعال طور تي جاري رکندو ۽ انهن سمورين مخلصاڻي ڪوششن جي حمايت ڪندو جن جو مقصد امن ڳالهه ٻولهه جي بحالي ۽ تڪرار جو هڪ جامع، منصفاڻي ۽ پائيدار حل حاصل ڪرڻ آهي.