سيڪيورٽي فورسز پاران خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائيون جاري

راولپنڊي-27 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جون خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائيون جاري آهن، سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي 11 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. سيڪيورٽي ذريعن مطابق سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا جي علائقن ڏکڻ وزيرستان ۽ بنون جڏهن ته بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ڪيا. سيڪيورٽي فورسز جي …

راولپنڊي-27 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جون خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائيون جاري آهن، سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي 11 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. سيڪيورٽي ذريعن مطابق سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا جي علائقن ڏکڻ وزيرستان ۽ بنون جڏهن ته بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ڪيا. سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جا 11 دهشتگرد جهنم ڀيڙو ٿيا. سيڪيورٽي فورسز جي بنون ۾ فتنه الخوارج خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ 2 دهشتگرد جهنم ڀيڙو ٿيا جڏهن ته هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو. سيڪيورٽي ذريعن مطابق ڏکڻ وزيرستان جي علائقي لڌا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ۾ 5 خوارجي جهنم ڀيڙو ٿيا، سيڪيورٽي فورسز فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي چر پر جو وقت سر پتو لڳايو ۽ ڪڙو چاڙهي اثرائتي ڪارروائي ڪئي. سيڪيورٽي ذريعن مطابق بلوچستان جي ضلعي خضدار ساسول ۾ فتنه الهندستان خلاف ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد جهنم ڀيڙو ٿيا. سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندستان جي دهشتگردن کي ڪوارڊڪاپٽر جي مدد سان اثرائتي ڪارروائي ۾ نشانو بڻايو، ڪارروائي ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني رهي ۽ مقامي آبادي کي نقصان نه پهچي. سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون عزم استحڪام ويزن تحت ڪارروائيون جاري رهنديون.