اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان سان قطر جي شهزادي شيخ نايف بن عيد آل ثاني اسلام آباد ۾ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻه طرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ مضبوط مذهبي، ثقافتي ۽ …
وفاقي وزير عبدالعليم خان سان قطر جي شهزادي شيخ نايف بن عيد آل ثاني جي ملاقات، پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان دلچسپي جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان سان قطر جي شهزادي شيخ نايف بن عيد آل ثاني اسلام آباد ۾ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻه طرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ مضبوط مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا قائم آهن. قطر ۾ هزارين اوورسيز پاڪستاني تعليم ۽ روزگار جي شعبن سان ڳنڍجي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن قطر جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ موٽرويز ۽ شاهراهن جي تعمير ۽ توسيع لاءِ ”جوائنٽ وينچرز“ جي آڇ ڪندي چيو ته حڪومت قطر پاران هر قسم جي سيڙپڪاري جي دلي آجيان ڪندي. عبدالعليم خان چيو ته ٻه طرفي سهڪار ۽ گڏيل ڪاروباري شراڪتداري ٻنهي برادر ملڪن جي وسيع تر مفاد ۾ آهي. هن خطي ۾ قطر جي فعال ۽ هاڪاري ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪ ايران امن ڪوششن ۾ قطر جي شراڪت کي پاڪستان انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ان موقعي تي قطر جي شهزادي شيخ نايف بن عيد آل ثاني پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته قطر پاڪستان سان پنهنجن مضبوط لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻه طرفي سهڪار جو اهو سلسلو مستقبل ۾ به ڀرپور انداز ۾ جاري رکيو ويندو. ملاقات جي پڄاڻي تي وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ شيخ نايف بن عيد آل ثاني هڪ ٻئي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ روايتي تحفن جي ڏي وٺ به ڪئي.











