اسلام آباد- 27 آگسٽ (اي پي پي)سپريم ڪورٽ پي بي 09 ڪوهلو ۾ ٻيهر ڳڻپ جو ڪيس ٽه رڪني بينچ سامهون مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي سيپٽمبر جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. جسٽس نعيم اختر افغان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ خميس تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواست ڪندڙ جي وڪيل امان ڪنراني موقف اختيار ڪيو ته رولز موجب ٽي رڪني …
پي بي 09 ڪوهلو ۾ ٻيهر ڳڻپ جو ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران ڪيس ٽه رڪني بينچ سامهون مقرر ڪرڻ جو حڪم

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 آگسٽ (اي پي پي)سپريم ڪورٽ پي بي 09 ڪوهلو ۾ ٻيهر ڳڻپ جو ڪيس ٽه رڪني بينچ سامهون مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي سيپٽمبر جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. جسٽس نعيم اختر افغان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ خميس تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواست ڪندڙ جي وڪيل امان ڪنراني موقف اختيار ڪيو ته رولز موجب ٽي رڪني بينچ اليڪشن ٽربيونل خلاف اپيل ٻڌي سگهي ٿي. عدالت ٻڌڻي ڪرڻ چاهي ته هو دليل ڏيڻ لاءِ تيار آهي. وڪيل ڪامران مرتضيٰ چيو ته سپريم ڪورٽ جي نئين رولز ۾ اليڪشن ٽربيونل جو ذڪر موجود آهي، پاڻي رولز ۾ چونڊ ٽربيونل خلاف اپيلن جو ذڪر موجود آهي. جسٽس نعيم افغان ريمارڪس ڏنا ته چئن پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ ٿي، مسئلو غير حقيقي ٽرن آئوٽ جو آهي. غير فطري ٽرن آئوٽ تي اڳ به سپريم ڪورٽ فيصلو ڪري چڪي آهي. موجوده ڪيس ۾ ٽرن آئوٽ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ هجڻ جو معاملو آهي. واضع رهي ته پي بي ڪوهلو مان مسلم ليگ(ن) جو نواب چنگيز مري ڪامياب ٿيو هو. پيپلز پارٽي جي نصيب الله نواب چنگيز مري جي ڪاميابي کي چئلينج ڪيو آهي.











