گڏيل قومن جي عهديدار پاران چين جي ريگستاني زمينن جي بحالي ۽ وڻڪاري جي ڪوششن جي ساراهه

اولان باتور-27 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي ريگستاني زوال جي روڪٿام بابت ڪنوينشن (يو اين سي سي ڊي) جي ڊپٽي ايگزيڪيوٽو سيڪريٽري اينڊرياميز اموريلو چين جي زمينن جي بحالي، ريگستاني علائقن ۾ وڻڪاري ۽ ماحولياتي تحفظ جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يو اين سي سي ڊي جي ڌرين جي 17 هين ڪانفرنس جي موقعي تي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته چين زمينن …

اولان باتور-27 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي ريگستاني زوال جي روڪٿام بابت ڪنوينشن (يو اين سي سي ڊي) جي ڊپٽي ايگزيڪيوٽو سيڪريٽري اينڊرياميز اموريلو چين جي زمينن جي بحالي، ريگستاني علائقن ۾ وڻڪاري ۽ ماحولياتي تحفظ جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يو اين سي سي ڊي جي ڌرين جي 17 هين ڪانفرنس جي موقعي تي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته چين زمينن جو نقصان روڪڻ، ريگستاني پکيڙ جو مقابلو ڪرڻ ۽ زمين جي صحت بهتر بڻائڻ جي شعبن ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته چين جي ڪاميابي ۾ مضبوط قيادت، ڊگهي مدي واري منصوبه بندي ۽ مستقبل لاءِ واضح ويزن شامل آهن. هن عالمي ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اسرندڙ ملڪن وچ ۾ سهڪار تي زور ڀريندي چيو ته عالمي سطح تي ماحولياتي مسئلن لاءِ ڪيترائي عملي حل سامهون ايندا.