سعودي عرب ايندڙ هفتي گلوبل ٽيڪنالاجي ايونٽ ”ليپ 2026ع“ جي پنجين ايڊيشن جي ميزباني ڪندو

رياض-27 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب ايندڙ هفتي گلوبل ٽيڪنالاجي ايونٽ ”ليپ 2026ع“ جي پنجين ايڊيشن جي ميزباني ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ”ان ٽو نيو ورلڊز“ جي ٿيم تحت اهو ايونٽ 31 آگسٽ کان 3 سيپٽمبر تائين رياض جي رياض ايگزهيبيشن اينڊ ڪنوينشن سينٽر ۾ جاري رهندو. اهو ايونٽ سڄي دنيا مان ٽيڪنالاجي جي ماهرن، انووينٽرز، سيڙپڪارن ۽ اسٽارٽ اپس کي پاڻ ۾ گڏ ڪندو. سعودي عرب جي ڪميونيڪيشن …

رياض-27 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب ايندڙ هفتي گلوبل ٽيڪنالاجي ايونٽ ”ليپ 2026ع“ جي پنجين ايڊيشن جي ميزباني ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ”ان ٽو نيو ورلڊز“ جي ٿيم تحت اهو ايونٽ 31 آگسٽ کان 3 سيپٽمبر تائين رياض جي رياض ايگزهيبيشن اينڊ ڪنوينشن سينٽر ۾ جاري رهندو. اهو ايونٽ سڄي دنيا مان ٽيڪنالاجي جي ماهرن، انووينٽرز، سيڙپڪارن ۽ اسٽارٽ اپس کي پاڻ ۾ گڏ ڪندو. سعودي عرب جي ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن واري وزارت سعودي فيڊريشن فار سائبر سيڪيورٽي، پروگرامنگ اينڊ ڊرونز سان گلوبل ايونٽس ڪمپني انفارما ۽ انويسٽمينٽ فنڊ جي سپورٽ سان ان ايونٽ جو اهتمام ڪيو آهي. پنجين ايڊيشن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ اسپيڪرز، هڪ هزار 800 ٽيڪ ڪمپنيون، 600 کان وڌيڪ اسٽارٽ اپس ۽ هڪ هزار 900 کان وڌيڪ سيڙپڪارن ۽ وينچر ڪيپيٽل جي نمائندن جي شرڪت متوقع آهي.