الجزائر-27 آگسٽ (اي پي پي) الجزائر جي اتر اوڀر وارن صوبن ۾ ٻيلن ۾ لڳل باهه جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق الجزائر جي گهرو وزير مطابق جيجل صوبي ۾ 5، بيجايا ۾ 4 ۽ تيزي اوزو ۾ 3 ماڻهو فوت ٿيا آهن. هن بيجايا جي دوري دوران امدادي ۽ فائر فائيٽنگ ڪارروائين جو جائزو ورتو. شهري تحفظ جي اختيارين مطابق …
الجزائر ۾ ٻيلن ۾ باهه لڳڻ سبب 12 ڄڻا فوت
الجزائر-27 آگسٽ (اي پي پي) الجزائر جي اتر اوڀر وارن صوبن ۾ ٻيلن ۾ لڳل باهه جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق الجزائر جي گهرو وزير مطابق جيجل صوبي ۾ 5، بيجايا ۾ 4 ۽ تيزي اوزو ۾ 3 ماڻهو فوت ٿيا آهن. هن بيجايا جي دوري دوران امدادي ۽ فائر فائيٽنگ ڪارروائين جو جائزو ورتو. شهري تحفظ جي اختيارين مطابق مختلف صوبن ۾ 159 باهه لڳڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا، جن مان 90 تي ضابطو آندو ويو جڏهن ته 69 هنڌن تي باهه اڃان لڳل آهي. رهائشي علائقن ويجهو باهه پهچڻ سبب ڪيترن ئي خاندانن کي احتياطي طور تي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.












