هراري-27 آگسٽ(اي پي پي)زمبابوي ۾ ڪاريبا ڍنڍ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي حادثي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 97 ڄڻن جي فوتگي بعد هڪ مقامي سرڪاري آفيسر کي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پوليس ٻڌايو ته رورل انفراسٽرڪچر اينڊ ڊويلپمينٽ ايجنسي جي ڪاريبا ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر کي گرفتاري بعد عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. 11 آگسٽ تي ڪاريبا شهر کان چللا ماهيگيري ڪيمپ ويندڙ مسافر ٻيڙي …
زمبابوي ۾ ٻيڙي حادثو، 97 ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي سرڪاري آفيسر گرفتار
هراري-27 آگسٽ(اي پي پي)زمبابوي ۾ ڪاريبا ڍنڍ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي حادثي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 97 ڄڻن جي فوتگي بعد هڪ مقامي سرڪاري آفيسر کي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پوليس ٻڌايو ته رورل انفراسٽرڪچر اينڊ ڊويلپمينٽ ايجنسي جي ڪاريبا ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر کي گرفتاري بعد عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. 11 آگسٽ تي ڪاريبا شهر کان چللا ماهيگيري ڪيمپ ويندڙ مسافر ٻيڙي خراب موسم سبب ڍنڍ ۾ اونڌي ٿي پئي هئي. اختيارين مطابق 77 ماڻهن کي بچايو ويو. شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته ٻيڙي ۾ اٽڪل 180 مسافر سوار ۽ سامان به هو، جيڪو ان جي گنجائش کان وڌيڪ هو. حادثي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ باضابطه جاچ جاري آهي.












