صدر آصف علي زرداري پاران نيپال ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب ٿيندڙ تباهي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد - 26 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تبت جي سرحد ويجهو اتر نيپال ۾ ايندڙ اوچتي ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ صدر فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان پاڪستان پاران دلي همدرديءَ …

اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تبت جي سرحد ويجهو اتر نيپال ۾ ايندڙ اوچتي ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ صدر فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان پاڪستان پاران دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي نيپال جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. صدر زخمين جي جلد صحتيابي ۽ گم ٿي ويل ماڻهن جي حفاظت سان واپسي جي لاءِ دعا پڻ ڪئي.