وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران نيپال ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري جاني نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد - 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيپال جي ضلعي راسووا ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري جاني نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته نيپال جي ضلعي راسووا ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ ٻوڏ ۽ …

اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيپال جي ضلعي راسووا ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري جاني نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته نيپال جي ضلعي راسووا ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري قيمتي جانين جي زيان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي تي کيس گهرو ڏک ۽ افسوس آهي. هن چيو ته سندس دلي همدرديون فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين ۽ متاثر ماڻهن سان آهن. هن چيو ته پاڪستان هن مشڪل وقت ۾ نيپال جي حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، اسان متاثر علائقن ۾ سمورن ماڻهن جي سلامتي ۽ خيريت جي لاءِ دعاڳو آهيون.