اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي، ته اسلام آباد جي انتظاميه پمز اسپتال ريسڪيو آپريشن ۾ ڪا به ڪوتاهي ناهي ڪئي، ريسڪيو جو عملو وقت سر پهتو ۽ پنهنجا فرض بهترين انداز ۾ ادا ڪيا، انتظامي طور بظاهر ڪا به ڪوتائي نظر ناهي آئي، گيٽ ڇو بند هئا ۽ ڊاڪٽر ڪٿي هئا، ان جو جواب اسپتال انتظاميه ڏيندي. انهن خيالن …
پمز اسپتال ريسڪيو آپريشن ۾ ڪا به ڪوتاهي ناهي ڪئي وئي: طلال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي، ته اسلام آباد جي انتظاميه پمز اسپتال ريسڪيو آپريشن ۾ ڪا به ڪوتاهي ناهي ڪئي، ريسڪيو جو عملو وقت سر پهتو ۽ پنهنجا فرض بهترين انداز ۾ ادا ڪيا، انتظامي طور بظاهر ڪا به ڪوتائي نظر ناهي آئي، گيٽ ڇو بند هئا ۽ ڊاڪٽر ڪٿي هئا، ان جو جواب اسپتال انتظاميه ڏيندي. انهن خيالن جو اظهار هن پمز ۾ باهه لڳڻ جي واقعي کان پوءِ پمز جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مان ڪنهن جي به فيور ۾ ناهيان، اسپتال جي هر ڪنڊ ۽ روڊ تي ڪيمرائون لڳل آهن. هر هڪ وٽ ڪيمرا واري فون آهي، ڪو به غلط بياني نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته انڪوائري کان پوءِ جزا ۽ سزا جو عمل شروع ٿيندو. ايمرجنسي جا دروازا ڇو بند هئا ۽ اتي ڪيترا ڊاڪٽر ۽ نرسون موجود هيون، انهن سمورن سوالن جا جواب جاچ رپورٽ ۾ سامهون ايندا. هن واضح ڪيو ته ريسڪيو ٽيمون دير سان ناهن پهتيون پر 6 منٽن اندر اندر پهتيون هيون. هن چيو ته باهه کان پوءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو جنهن جي نگراني خود وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪندو رهيو. هن چيو ته اسپتال ۾ پيش آيل واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جنهن جي انڪوائري مڪمل ٿيڻ کان پوءِ جزا ۽ سزا جو عمل شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته اسلام آباد انتظاميه ريسڪيو آپريشن ۾ ڪا به ڪوتاهي ناهي ڪئي ۽ سموريون ريسڪيو ٽيمون اطلاع ملڻ جي 6 منٽن اندر اسپتال پهتيون آهن. ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان جي رپورٽ وزيراعظم ۽ گهرو وزير کي موڪلي وئي آهي. هن چيو ته انتظامي طور تي بظاهر ڪا به ڪوتاهي نظر ناهي آئي، جڏهن ته ايمرجنسي جا دروازا ڇو بند هئا، ڊاڪٽر ڪٿي هئا ۽ اتي ڪيترا ڊاڪٽر ۽ نرسون موجود هئا، انهن سمورن سوالن جا جواب انڪوائري رپورٽ م سامهون ايندا. هن چيو ته ٻارن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ ان جي رپورٽ وزيراعظم ۽ گهرو وزير کي موڪلي وئي آهي. ان واقعي جي جاچ لاءِ ضلعي انتظاميه به ڪميٽي جوڙي آهي جڏهن ته وزيراعظم پاران به ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا واقعي جي رپورٽ پيش ڪندي.











