پنوم پن -26 آگسٽ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ٻي بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) جي موقعي تي ان جي اعزاز ۾ سينيٽ آف ڪمبوڊيا پاران ڏنل دعوت ۾ شرڪت ڪئي، اها دعوت نياڪ اوڪناداتوڪ ڊاڪٽر اوٿسمان حسن سينئر وزير رائل گورنيمنٽ آف ڪمبوڊيا ۽ انچارج خصوصي مشن پاران ڏني وئي هئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان مطابق دعوت دوران ٿيل ڳالهين ۾ امن ڳالهين …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ آف ڪمبوڊيا پاران ڏنل دعوت ۾ شرڪت

مزید خبریں
پنوم پن -26 آگسٽ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ٻي بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) جي موقعي تي ان جي اعزاز ۾ سينيٽ آف ڪمبوڊيا پاران ڏنل دعوت ۾ شرڪت ڪئي، اها دعوت نياڪ اوڪناداتوڪ ڊاڪٽر اوٿسمان حسن سينئر وزير رائل گورنيمنٽ آف ڪمبوڊيا ۽ انچارج خصوصي مشن پاران ڏني وئي هئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان مطابق دعوت دوران ٿيل ڳالهين ۾ امن ڳالهين ۽ بين الپارلياماني تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ان ڳالهه تي زور ڀريو ته آءِ ايس سي ذريعي ان جو بنيادي مقصد پارلياماني سفارتڪاري ۽ اجتماعي قانونسازي ذريعي دنيا ۾ امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ عملي قدمن کي اڳيان وڌائڻ آهي. هن چيو ته هي ڪانفرنس اسپيڪرز ۽ پارلياماني سربراهن کي گڏيل چئلينجز تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ، گڏيل افهام تفهيم کي هٿي ڏيڻ ۽ قومن وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي. انڊونيشيا جي علائقائي نمائندن واري ايوان جي اسپيڪر ڊاڪٽر سلطان بختيار نجم الدين به دعوت ۾ شرڪت ڪئي. سينيٽ چيئرمين ۽ انڊونيشين اسپيڪر آءِ ايس سي جي ايجنڊا، بين الپارلياماني تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. شرڪت ڪندڙن گڏيل معاملن ۽ علائقائي ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ قانونساز ادارن جي قيادت کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۾ آءِ ايس سي جي اهم ڪردار جي تعريف ڪئي. ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مسلسل ۽ موثر بين الپارلياماني رابطا تڪرارن جي پرامن حل، گڏيل اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۽ خطي ۾ وڌيڪ مضبوط رابطا قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثاب ٿين ٿا. سينيٽ چيئرمين آءِ ايس سي جي مقصدن لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪدي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ڪمبوڊيا ۾ منعقد ٿيل ٻي آءِ ايس سي بين الپارلياماني رابطان کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ عالمي امن کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن کي اڳيان وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. دعوت ۾ ڪمبوڊيا ۾ پاڪستان جي سفير ظهير الدين بابر ٿيم، سينيٽ چيئرمين جو مشير ۽ آءِ ايس سي جي لاءِ سفير مصباح کر، ايم اين اي شميله رانا ۽ انڊونيشين سينيٽر ميراح مدادان فهميڊ به شريڪ هئا. سينيٽ چيئرمين ٻي بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي هڪ مڪمل اجلاس کي خطاب به ڪندو ۽ ڪانفرنس ۾ شريڪ مختلف ملڪن جي پارلياماني اڳواڻن سان وڌيڪ ملاقاتون به ڪندو.











