اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه پمز اسپتال جي ايم سي ايڇ سينٽر ۾ باهه لڳڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي باهه جي نتيجي ۾ 14 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪيو آهي. جاري بيان موجب ڊپٽي اسپيڪر معصوم ٻارن جي والدين سان دلي همدردي ۽تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته باهه …
قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر پاران پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه پمز اسپتال جي ايم سي ايڇ سينٽر ۾ باهه لڳڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي باهه جي نتيجي ۾ 14 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪيو آهي. جاري بيان موجب ڊپٽي اسپيڪر معصوم ٻارن جي والدين سان دلي همدردي ۽تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته باهه جي ان واقعي ۾ ٿيل معصوم حياتين جي نقصان تي دل ڏکويل آهي، ٻارن جي والدين سان ڏک ۽ غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. الله تعاليٰ معصوم ٻارن جي والدين کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.











