سنڌ جي وڏي وزير پاران آزاد ڪشمير ۾ روڊ ڪليئرنس آپريشن دوران خيرپور واسي رينجرز اهلڪار شاهنواز جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

ڪراچي -26 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آزاد ڪشمير ۾ روڊ ڪليئرنس آپريشن دوران رينجرز اهلڪار شاهنواز جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير خيرپور سان تعلق رکندڙ شهيد رينجرز جوان شاهنواز کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته وطن جي خاطر پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ رينجرز اهلڪار تي سڄي قوم کي فخر …

ڪراچي -26 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آزاد ڪشمير ۾ روڊ ڪليئرنس آپريشن دوران رينجرز اهلڪار شاهنواز جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير خيرپور سان تعلق رکندڙ شهيد رينجرز جوان شاهنواز کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته وطن جي خاطر پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ رينجرز اهلڪار تي سڄي قوم کي فخر آهي.سيد مراد علي شاهه چيو ته آزاد ڪشمير ۾ روڊ ڪليئرنس آپريشن دوران سيڪيورٽي اهلڪارن تي حملو بزدلاڻو قدم آهي. دهشتگردي ۽ فتنو پکيڙيندڙ عنصر سيڪيورٽي فورسز جي عزم کي ڪڏهن به ڪمزور نٿا ڪري سگهن.وڏي وزير شهيد رينجرز جوان جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي، جڏهن ته حملي ۾ زخمي ٿيل ٻي رينجرز اهلڪار جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.