اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن واري وفاقي وزير احد چيمه پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري بيان ۾ هن چيو ته پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ نون ڄاول معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو واقعو انتهائي دل ڏکوئيندڙ آهي. معصوم ٻارن جي قيمتي حياتين جي نقصان تي دل انتهائي غمگين آهي، ڏک جي ان …
وفاقي وزير احد چيمه پاران پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن واري وفاقي وزير احد چيمه پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري بيان ۾ هن چيو ته پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ نون ڄاول معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو واقعو انتهائي دل ڏکوئيندڙ آهي. معصوم ٻارن جي قيمتي حياتين جي نقصان تي دل انتهائي غمگين آهي، ڏک جي ان گهڙي ۾ متاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيان ٿو. هن چيو ته الله تعاليٰ فوت ٿي ويل معصوم ٻارن جي والدين ۽ خاندان وارن کي اهو دل ڏکوئيندڙ صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو ۽ صبر عطا فرمائي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪم تي واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي جلد واقعي جي ذميوارن جو تعين ڪندي، جيڪي به ڪوتاهي جا مرتڪب ٿيا انهن کي سزا ڏني ويندي.











