اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) اسپتال جي گائني وارڊ ۾ باهه لڳڻ واري افسوسناڪ واقعي جي نتيجي ۾ 14 معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري تعزيتي بيان ۾ هن باهه لڳڻ واري واقعي ۾ فوت ٿي ويل ٻارڙن جي والدين ۽ پونئرن سان دلي تعزيت …
سينيٽ چيئرمين پاران پمز اسپتال ۾ باهه واري واقعي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) اسپتال جي گائني وارڊ ۾ باهه لڳڻ واري افسوسناڪ واقعي جي نتيجي ۾ 14 معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري تعزيتي بيان ۾ هن باهه لڳڻ واري واقعي ۾ فوت ٿي ويل ٻارڙن جي والدين ۽ پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ان المناڪ واقعي تي هر اک آلي آهي، هن چيو ته سوڳوار خاندانن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن پونئرن جي صبر لاءِ دعا پڻ ڪئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته اسپتالن ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ موثر حفاظتي قدم، فائر سيفٽي نظام ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن ضروري انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته انساني حياتين جي تحفظ لاءِ تدبيرن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي يا غفلت ناقابل قبول آهي. هن لاڳاپيل عملدارن تي زور ڀريو ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي ۽ آئينده اهڙن سانحن جي روڪٿام لاءِ موثر ۽ عملي قدم کنيا وڃن.











