وقتي سينيٽ چيئرمين سيدال خان ناصر پاران پمز اسپتال ۾ لڳل باهه واري واقعي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي)وقتي سينيٽ چيئرمين سيدال خان ناصر پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي ان کي انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ واقعو قرار ڏنو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سيدال خان ناصر چيو ته نون ڄاول ٻارڙن جي قيمتي حياتين جو نقصان هڪ قومي الميو آهي. هن چيو ته معصوم ٻارن جي حياتين جي نقصان کي لفظن ۾ بيان نٿو …

اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي)وقتي سينيٽ چيئرمين سيدال خان ناصر پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي ان کي انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ واقعو قرار ڏنو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سيدال خان ناصر چيو ته نون ڄاول ٻارڙن جي قيمتي حياتين جو نقصان هڪ قومي الميو آهي. هن چيو ته معصوم ٻارن جي حياتين جي نقصان کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان متاثر خاندانن جي ڏک ۽ غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن ڏک کي ان گهڙي ۾  فوت ٿي ويل ٻارڙن جي والدين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن سوڳوار خاندانن لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي.