ماسڪو -26 آگسٽ (اي پي پي) روس چيو آهي، ته روس يوڪرين ۾ اتر اوقيانوس معاهده تنظيم (نيٽو) جي ميمبر ملڪ جي فوجي جٿن جي موجودگي کي قبول ڪرڻ جوڳو نٿو سمجهي. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي حڪومت جي ترجمان دمتري پيسڪوف چيو آهي، ته اسان مختلف سطحن تي ڪيترا ڀيرا واضح ڪري چڪا آهيون ته يوڪرين ۾ نيٽو ميمبر ملڪن جي پرڏيهي فوجي جٿن جي مقرري روس لاءِ قبولڻ جوڳي …
يوڪرين ۾ نيٽو فوج جي مقرري قبوليت جوڳي ناهي: روس
ماسڪو -26 آگسٽ (اي پي پي) روس چيو آهي، ته روس يوڪرين ۾ اتر اوقيانوس معاهده تنظيم (نيٽو) جي ميمبر ملڪ جي فوجي جٿن جي موجودگي کي قبول ڪرڻ جوڳو نٿو سمجهي. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي حڪومت جي ترجمان دمتري پيسڪوف چيو آهي، ته اسان مختلف سطحن تي ڪيترا ڀيرا واضح ڪري چڪا آهيون ته يوڪرين ۾ نيٽو ميمبر ملڪن جي پرڏيهي فوجي جٿن جي مقرري روس لاءِ قبولڻ جوڳي ناهي. ڪريملن ترجمان چيو ته روس کي پنهنجي فتح تي مڪمل اعتماد آهي ۽ هو پرامن ماحول لاءِ سازگار حالتون نه هئڻ سبب فوجي ڪارروايون جاري رکيون پيو اچي.












