چين جو صدر 30 آگسٽ کان 3 سيپٽمبر تائين بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو: ترجمان

بيجنگ -26 آگسٽ (اي پي پي)چين جو صدر شي جن پنگ 30 آگسٽ کان 3 سيپٽمبر تائين ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ ڪرغزستان جي صدر صادير جاپاروف ۽ مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي جي دعوت تي ٻنهي ملڪن جو سرڪاري دورو به ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيئن چيو آهي، ته گذريل سال …

بيجنگ -26 آگسٽ (اي پي پي)چين جو صدر شي جن پنگ 30 آگسٽ کان 3 سيپٽمبر تائين ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ ڪرغزستان جي صدر صادير جاپاروف ۽ مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي جي دعوت تي ٻنهي ملڪن جو سرڪاري دورو به ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيئن چيو آهي، ته گذريل سال صدر شي جن پنگ صدر صادير جاپا روف سان 3 ڀيرا ملاقات ڪئي  هئي، جنهن کان پوءِ چين ڪرغزستان تعاون تيز رفتار ترقي جي هڪ سونهري دور  ۾ داخل ٿيو. هن چيو ته دوري دوران صدر شي جن پنگ صدر جاپاروف سان ٻه طرفه لاڳاپن، اهم شعبن م تعاون ۽ عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي ڳالهيون ڪندو ۽ مختلف سرڪاري سرگرمين ۾ شرڪت ڪندو. ترجمان ٻڌايو ته مصر، عرب ۽ آفريقي ملڪن ۾ چين سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪندڙ پهريون ملڪ آهي. هي صدر شي جن پنگ جو ڏهن سالن کان پوءِ مصر جو ٻيهر دورو آهي. چين ۽ مصر وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70هين سالگره جي موقعي تي ٿيندڙ اهو دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي ترقي لاءِ خصوصي اهميت رکي ٿو. دوري دوران صدر شي جن پنگ  صدر عبدالفتاح السيسي سان ملاقات ۾ چين مصر لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي به ڳالهيون ڪندو.