سنڌ جي وڏي وزير پاران جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي پُرمسرت موقعي تي سنڌ سميت سڄي پاڪستان جي مسلمانن کي دل جي گهرائين سان مبارڪون

ڪراچي-26 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي پُرمسرت موقعي تي سنڌ سميت سڄي پاڪستان جي مسلمانن کي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏنيون آهن. ملير ۾ جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي جلوس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اڄوڪو ڏينهن حضور اڪرم ﷺ جي ولادتِ باسعادت جي خوشي، محبت ۽ عقيدت جي اظهار جو ڏينهن آهي.هن چيو ته پاڪستان، خاص …

ڪراچي-26 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي پُرمسرت موقعي تي سنڌ سميت سڄي پاڪستان جي مسلمانن کي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏنيون آهن. ملير ۾ جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي جلوس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اڄوڪو ڏينهن حضور اڪرم ﷺ جي ولادتِ باسعادت جي خوشي، محبت ۽ عقيدت جي اظهار جو ڏينهن آهي.هن چيو ته پاڪستان، خاص طور سنڌ ۾ جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي مناسبت سان جلوس ۽ ميلاد شريف جون محفلون منعقد ڪيون پيون وڃن، جتي عاشقانِ رسول ﷺ پنهنجي آقا حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي آمد جي خوشيءَ ۾ عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن.سيد مراد علي شاهه چيو ته حضور ڪريم ﷺ رحمت للعالمين آهن ۽ سندن تعليمات سموري انسانيت لاءِ امن، محبت ۽ رحمت جو پيغام آهن. وڏي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ رحمت للعالمين ﷺ جي صدقي سڄي دنيا جي مسلمانن تي پنهنجون رحمتون نازل فرمائي ۽ ڪشمير ۽ فلسطين سميت دنيا جي مختلف خطن ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار مسلمانن جون مشڪلاتون آسان فرمائي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ دنيا ۾ جتي به مسلمان ڏکن ۽ مصيبتن جو شڪار آهن، انهن جي حفاظت فرمائي، کين امن ۽ سڪون عطا ڪري ۽ امتِ مسلمه جون مشڪلاتون دور فرمائي. وڏي وزير چيو ته الله تعاليٰ رحمت للعالمين ﷺ جي صدقي دنيا ۾ امن ۽ سلامتي قائم فرمائي.